Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

پڙهڻ سان الله تعاليٰ جي مدد سان اهو وهم بالڪل ختم ٿي ويندو ۽ ڪڏهن به ڪنهن طرح سان ان مان ڪو نقصان نه ٿيندو۔ اهي دعائون هي آهن:

(1)         حَسْبُنَا  اللّٰهُ  وَ  نِعْمَ  الْوَكِیْلُ(۱۷۳)                  (پ 4 اٰل عمران 173)

(الله اسان کي ڪافي آهي ۽ ڪهڙو نه سٺو ڪارساز آهي)

 (2)    اَللّٰهُمَّ لَا طَيْرَ اِلَّا طَيْرُکَ، وَ لَا خَيْرَ اِلَّا خَيْرُکَ، وَ لَآ اِلٰهَ غَيْرُکَ.

(اي الله عَزَّوَجَلَّ ! تنهنجي فال فال آهي ۽ تنهنجو ئي خير، خير آهي ۽ توکان سواءِ ڪو معبود ناهي۔)                     (باطني بيماريوں ڪي معلومات،ص289 بتغير قليل)

(6)…بدشُگُوني جو ڇهون سبَب نيڪ شُگُون اختيار نه ڪرڻ يا نيڪ شُگُون اختيار ڪرڻ ۾ توجھ نه ڏيڻ ۽ ان جي بنيادي معلومات جو نه هئڻ به آهي۔ بُرو شُگُون وٺي ان تي عمل ڪرڻ سان جيئڻ ته شريعت منع ڪري ٿي ۽ نيڪ شُگُون وٺڻ شرعاً مستحب آهي۔ ته بُري شُگُون کان بچڻ جي لاءِ نيڪ شُگُون وٺڻ جي عادت بڻائي وڃي۔

مجلس ائمه  مساجد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بدشگوني جي سببن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي علاج جو هڪ بهترين ذريعو هي به آهي ته اسان ڪنهن سٺي ماحول سان وابسته ٿي دينِ متين جي مدني ڪمن ۾ مشغوليت اختيار ڪري هن موذي مرض جي ڪاٽ ڪريون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ بدشگوني سميت ڪيئي بُرائين جي نه صرف اسباب ڏانهن ڌيان ڏياريو ويندو آهي بلڪ انهن جي علاج جي طريقن بابت به مدني گل ڏنا ويندا آهن تنهنڪري اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي خوب خوب برڪتون ماڻيو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  دعوتِ