Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

وارو به هڪ ڏينهن انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويندو آهي ۽ مُعاشري جي بگاڙڻ جو سبب بڻجي ويندو آهي۔

ڪنهن سان دوستي ڪرڻ گھرجي ڪنهن سان نه؟

امير المومنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: اهڙي شيء ۾ نه پئو جيڪا توهان لاءِ مُفيد نه هجي ۽ دشمن کان الڳ رهو ۽ دوست کان بچندا رهو پر جڏهن ته هو امين هجي ڇو ته امين جي برابر ڪو ناهي ۽ فاجر (گنهگار) سان گڏ نه رهو ڇوته هو توهان کي فجور (گناھ) سيکاريندو ۽ ان جي اڳيان راز جي ڳالھ نه چئو ۽ پنهنجي ڪم ۾ انهن کان مشورو وٺو جيڪي اللهعَزَّ وَجَلَّ کان ڊڄن ٿا۔ (شعب الايمان،باب في حفظ اللسان،فصل في فضل السڪوت عمالايعنيه،۴/ ۲۵۷، حديث: ۴۹۹۵)

اميرالمومنين حضرت سَيدُنا مولا علي مشڪل ڪشا کرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا: فاجر (سر عام گناھ ڪندڙ) سان برادري نه ڪيو ڇوته هو پنهنجي فعل کي توهان لاءِ مُزَين (سينگاري) ڪندو ۽ هي چاهيندو ته توهان به ان جھڙا ٿي وڃو۽ پنهنجي بدترين خصلت کي چڱو ڪري ڏيکاريندو، توهان وٽ ان جو اچڻ وڃڻ عيب ۽ ننگ (شرم جو سبب) آهي ۽ پاڳل کان به ڀائيچارو نه ڪريو ڇوته هو پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجھندو ۽ توهان کي به ڪجھ نفعو نه پهچائيندو ۽ ڪڏهن هي ٿي سگھي ٿو ته توهان کي نفعو پهچائڻ چاهيندو پر نقصان (Loss) پهچائي ڇڏيندو، ان جي خاموشي ڳالهائڻ کان بهتر آهي، ان جو پري هئڻ ويجھو هئڻ کان بهتر آهي ۽ (ان جو) موت زندگي کان بهتر۔ ڪذّاب (ڪوڙي شخص) کان به ڀائيپي نه ڪيو ڇوته ان سان اٿڻ ويهڻ توهان کي نفعو نه ڏيندي، توهان جي ڳالھ ٻين تائين پهچائيندو ۽ ٻين جي توهان وٽ آڻيندو ۽ جيڪڏهن توهان سچ ڳالهائيندوء تڏهن به هو سچ نه ڳالهائيندو۔  (تاريخ ابن عساڪر،۴۲/۵۱۶)

حضرت سيدُنا جعفر بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مون هڪ ڪتّي کي حضرت سيدُنا مالڪ بن ديناررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پويان پويان هلندي ڏٺو ته