Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

هر گز جائز ناهي۔ عين ممڪن بلڪ اڪثر طور تي واقع آهي ته گمراھ شخص پنهنجي تقرير ۾ قرآن ۽ حديث جي شرح ۽ وضاحت جي آڙ ۾ ضرور ڪجھ ڳالهيون پنهنجي بد مذهبي جون به ملائيندا آهن ۽ قوي خدشو بلڪ واقع ٿيڻ جو مُشاهدو آهي ته اهي ڳالهيون ٻڌڻ واري جي ذهن ۾ مظبوط ٿي دل ۾ سمائجي وينديون آهن۔ اهو ئي سبب آهي ته گمراھ ۽ بي دِين جي تقرير ۽ گفتگو ٻڌڻ وارو عام طور پاڻ به گمراه ٿي ويندو آهي۔ اسان جا اَسلاف پنهنجي ايمان جي باري ۾ بيحد محتاط هوندا هئا، باوجود ان جي جو هي ته عقيدي ۾ انتهائي مُتَصَلِّب (پڪا) هوندا هئا پوءِ به ڪنهن بدمذهب جي ڳالھ ٻڌڻ هرگز پسند نه ڪندا هئا، ڀلي کڻي ان کي هو سو ڀيرا يقين ڏياري ته مان رڳو قرآن ۽ حديث بيان ڪندس۔

اڌ لفظ به نه ٻڌو

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن باري ۾ اسلاف جو عمل نقل ڪندي فرمائن ٿا: (حضرت) عبدالله بن عباس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهما جي شاگرد سَيدُنا سعيد بن جُبَير کي واٽ ۾ هڪ بد مذهب مليو۔ چيائين، ڪجھ عرض ڪرڻ چاهيان ٿو۔ فرمايائون: مان ٻڌڻ نٿو چاهيان۔ عرض ڪيائين هڪ جملو۔ (پاڻ) پنهنجو اڱوٺو چيچ جي منڍ تي رکي فرمايائون: وَ لَا نِصْفَ کَلِمَۃٍ‘‘ (يعني) اڌ لفظ به نه۔ ماڻهن عرض ڪيو، ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: هي انهن مان آهن يعني گمراهن مان آهن۔

سَيدُنا امام ابنِ سيرين جي بدمذهبن سان نفرت

(اهڙي طرح) امام محمد بن سيرين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ ٻه بد مذهب آيا۔ عرض ڪيائون، ڪجھ ڪلام الله جون آيتون اوهان کي ٻڌايون! فرمايائون: مان نٿو ٻڌڻ چاهيان۔ عرض ڪيائون ڪجھ احاديثِ نبوي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌايون! فرمايائون، مان نٿو ٻڌڻ چاهيان۔ انهن زور ڀريو۔ فرمايائون: توهان ٻئي اٿي وڃو يا مان اٿان ٿو۔ نيٺ اهي مايوس ٿي موٽي ويا۔ ماڻهن عرض ڪيو: اي امام! ڇا حرج ٿئي ها جيڪڏهن اهي ڪجھ آيتون يا حديثون ٻڌائن ها؟