Ibadat Ke Faide

Book Name:Ibadat Ke Faide

ڪامياب به آهن. (2): ڪافِر؛ انهن بابت فرمايائين ته هي نهايت بدبخت آهن جو انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مُهر لڳل آهي، اکين تي پردا پيل آهن ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي. (3): مُنَافق؛ هي انتهائي بُرا ۽ بدترين ڪافِر آهن، جيڪي دل ۾ ڪفر لڪائيندا آهن ۽ زبان سان ڪلمو پڙهندا آهن. انهن بابت فرمايائين ته انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي.

بلڪل واضح ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته ڪوبه عقلمند جڏهن انسانن جا هي 3 قسم پڙهندو ته چاهيندو ته مان متقي بڻجي وڃان ته جيئن مون کي هدايت تي استقامت به ملي ۽ مان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب به ٿي وڃان. ان ڪري هاڻي آيت نمبر 21 ۾ تقويٰ حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو پيو وڃي.

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ                                  ترجمو ڪنزُ العرفان: اي انسانو!

هي هڪ عام خطاب آهي، ڪنهن هڪ زماني يا ڪنهن هڪ طبقي جا ماڻهو مراد ناهن، بلڪه هر اهو جيڪو اِنسان آهي، حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جي اَوْلاد مان آهي، پوءِ ڀلي اهو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ رهندو هجي، ڪنهن به زماني ۾ هجي، مطلب ته هر انسان لاءِ حڪم آهي ته

اُعۡبُدُوۡا                                                           ترجمو ڪنزُ العرفان: عبادت ڪيو!

مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هتي لفظِ عبادت جو وسيع مطلب ورتو ويندو يعني اي ڪافِرو! عِبَادت ڪريو! يعني ايمان قبول ڪيو! اي مُنَافقو! عِبَادت ڪريو! يعني مخلص بڻجي وڃو! اي گنهگارو! عِبَادت ڪريو! يعني گُناهه ڇڏي نيڪ ڪمن ۾ لڳي وڃو! مطلب ته هر قسم جي ماڻهن کي سندن حال موجب حڪم آهي ته عِبَادت ڪيو!([1]) ڪنهن جي؟ فرمايو:

رَبَّکُمُ                                                  ترجمو ڪنزُ العرفان: پنهنجي ربّ جي


 

 



[1]...تفسیرنعیمی،پارہ:1، البقرۃ، زیر آیت:21، جلد:1، صفحہ:213ملتقطًا ۔