Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

غزوهءِ بدر مان ملڻ وارو هڪ ٻيو سبق ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِذْ زَیَّنَ لَهُمُ الشَّیْطٰنُ اَعْمَالَهُمْ وَ قَالَ لَا غَالِبَ لَكُمُ الْیَوْمَ مِنَ النَّاسِ وَ اِنِّیْ جَارٌ لَّكُمْۚ-فَلَمَّا تَرَآءَتِ الْفِئَتٰنِ نَكَصَ عَلٰى عَقِبَیْهِ (پارہ:10، سورۂ انفال:48)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ (ياد ڪيو) جڏهن شيطان انهن جي نگاهه ۾ سندن عمل خوبصورت ڪري ڏيکاريا ۽ شيطان چيو: اڄ ماڻهن مان ڪو توهان تي غالب اچڻ وارو ناهي ۽ بيشڪ مان توهان جو مددگار آهيان پوءِ جڏهن ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ۽ شيطان پوئين پير ڀڳو

روايتن مطابق جڏهن مڪي جي غيرمسلمن، ميدانِ بدر ۾ پهچڻ ۽ مسلمانن سان جنگ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ته انهن کي ياد آيو ته رستي ۾ بنو بڪر نالي قبيلو اچي ٿو، انهن سان اسان جي دشمني آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان بدر ڏانهن (جنگ لاءِ) نڪرون ۽ بنو بڪر قبيلي وارا اسان تي حملو ڪري ڏين، ممڪن هو ته اهي ماڻهو هي سوچي بدر ڏانهن وڃڻ کان رُڪجي وڃن ها، پر شيطان مردود کي اهو هرگز منظور نه هو، تنهنڪري هن ڇا ڪيو جو بنو ڪنانه قبيلي جي سردار سُراقه جي شڪل ۾ انهن وٽ آيو ۽ چيائين: توهان ڪو به فڪر نه ڪيو! مان توهان سان گڏ آهيان، توهان جي حفاظت جي ذميواري مان کڻان ٿو. اڄ اوهان تي ڪو به غالب نه ايندو.

جيئن ته مڪي جي غيرمسلمن ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ميدانِ بدر ڏانهن روانا ٿي ويا. هاڻي ڇا ٿيو جڏهن شيطان مردود ڏٺو ته الله پاڪ مسلمانن جي مدد لاءِ ملائڪ موڪليا آهن، ته هو پُٺِي ڦيري ڀڄڻ لڳو، ماڻهو کيس سڏيندا رهيا ته:  اي سراقه! تون ته اسان جي ضمانت کنئي هئي، هاڻي ڪاڏي وڃي رهيو آهين...؟ شيطان وراڻيو: بيشڪ مان توهان کان بيزار آهيان، مان اهو ڏسي رهيو آهيان، جيڪو