Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

فَاذْهَبْ اَنْتَ وَ رَبُّكَ فَقَاتِلَاۤ اِنَّا هٰهُنَا قٰعِدُوْنَ(۲۴) (پارہ:6، سورۂ مائدہ:24)

ترجمو ڪنزالعرفان: تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃو ۽ وِڙهو، اسان ته هتي ئي ويٺا آهيون.

        يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان اوهان تي پنهنجون جانيون نثار ڪري ڇڏينداسين.[1]

هي اطاعت جو جذبو جيڪو صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جي دلين ۾ هو، اصل ۾ اهو ئي جذبو هو جيڪو 313 کي ميدانِ بدر ۾ وٺي به ويو ۽ فتح سان مشرف به ڪري ڇڏيو. هڪ شاعر ڏاڍي خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته ميدانِ بدر ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم وٽ تلوارون به پوريون نه هيون، جنگي سامان به گھڻو نه هو، افرادي قوت به گهٽ هئي، ان جي باوجود به هو ميدانِ بدر ۾ ڇو ويا؟ ڪهڙي ڀروسي تي ميدان ۾ لٿا؟ ته شاعر چيو آهي:

تھے ان کے پاس دو گھوڑے ، چھ زرہیں ، آٹھ شمشیریں

پلٹنے آئے تھے یہ لوگ دُنیا بھر کی تقدیریں

نہ تیغ وتیر پر تکیہ، نہ خنجر پر نہ بھالے پر

بھروسا تھا تو اِک سادی سی پیاری چادر والے پر

هي آهي ڪاميابي جو اصل بنياد...!! ان کان سواءِ هڪ مسلمان جي ڪاميابي ممڪن ئي نه آهي. لهٰذا اسان کي گهرجي ته هميشه الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪندا رهون. ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي ته اسان ڇا آهيون؟ * جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر آهي ته اهو ڊاڪٽر هوندي الله ۽ رسول جي حڪمن جو پابند آهي  * ڪو سائنسدان آهي ته  اهو به شريعت جي حڪمن جو پابند آهي * ڪو مزدور آهي يا بادشاهه * امير آهي يا غريب * گهر ۾ آهي  يا ٻاهر * بازار


 

 



[1] تفسیر کبیر، پارہ:9، سورۂ انفال، زیرِ آیت:5-6، جلد:5، صفحہ:456-457ملخصاً۔