Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ڪاروبار جا احڪام به ته اسان کي معلوم ناهن، اسان کي پنهنجي باري ۾ سوچڻ گھرجي پنهنجي دل تي هٿ رکي غور ڪيو * وياج حرام آهي سڀني کي خبر آهي پر وياج ڇاکي چئبو آهي ڇا اسان کي اها خبر آهي؟ جڏهن اسان کي اها خبر ئي نه آهي ته وياج ڇاکي چئبو آهي ته ان کان ڪيئن بچنداسين؟ * اسان وٽ شراڪت ۾ به ڪاروبار ٿيندا آهن، شراڪت جا شرط ڪهڙا آهن؟ ڪيترا آهن؟ ڪنهن ڪنهن کي خبر آهي؟ پنهنجي دل ۾ غور ويچار ڪيو * شراڪت )پارٽنرشپ) ۾ منافعو ڪهڙي طرح ورهايو ويندو؟ ڪنهن جي حصي ۾ ڪيترو مال ايندو؟ ان سلسلي ۾ اسلامي قانون ڇا ٿو چئي؟ اسان آرڊر تي مال تيار ڪرائيندا آهيون ان کي بيع سلم چئبو آهي ان جا ڪهڙا حڪم آهن؟ بيانو جيڪو اسان ادا ڪندا آهيون ان جي حيثيت ڇا آهي؟ * سودي مٿان سودو ڪرڻ ناجائز آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟ * اجير (ملازم) جا حق ڪهڙا آهن؟ مستاجر(يعني جيڪو ملازم رکندو آهي) ان تي ڪهڙيون ڪهڙيون ذميداريون عائد ٿينديون آهن؟ ان جا احڪام ۽ مسئلا ڪهڙا آهن؟ معذرت سان چوڻو ٿو پوي ته ماڻهو وڏيون وڏيون فيڪٽريون هلائي رهيا هوندا آهن، وڏيون وڏيون ڪمپنيون سنڀالي رهيا هوندا آهن، ڪروڙن جو ڪاروبار ڪري رهيا هوندا آهن پر اهي ڳالهيون معلوم ناهن هونديون، اهو نه سمجهجو ته مان ڪو هي نهايت پيچيده علم جون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، ڪاروباري شخص لاءِ هي بنيادي مسئلا آهن. ايئن سمجهو ته جيڪو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ننڍي کان ننڍو دڪان هلائي رهيو آهي يا انٽرنيشنل ڪمپني جو مالڪ آهي ان کي هي ڳالهيون ته زباني ياد هئڻ گهرجن .... !! پر افسوس ! اسان جي اڪثريت انهن کان اڻ واقف آهي.
عجيب ڳالهه آهي، اسان نماز ناهي سکي، ڇا اسان کي ان جو احساس به