Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

(1) علمِ دين جي اهميت ۽ فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ ۾ غور ڪيو! رسول رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي چئن قسمن ۾ ورهايو آهي (1) مالدار عالم (2) غريب عالم (3) بي علم مالدار (4) بي علم غريب

اجر ۽ نتيجي جي لحاظ کان اهي چئن قسمن جا ماڻهو ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن. (1) مالدار عالم ۽ غريب عالم. هنن ٻنهي لاءِ فرمايو ويو  ته اِهي افضل رتبي وارا آهن.. (2) بي علم مالدار ۽ بي علم غريب هنن ٻنهي جي باري ۾ فرمايو: اهي بدترين درجي وارا آهن.

 هاڻي غور ڪيو! مالدارن جا به ٻه قسم آهن، غريبن جا به ٻه قسم آهن. * هڪ قسم جا مالدار افضل مرتبي وارا آهن * ٻئي قسم جا مالدار بدترين درجي وارا آهن * هڪ قسم جا غريب اعلى مرتبي وارا آهن * ٻئي قسم جا غريب بدترين درجي وارا آهن.

يعني ٻنهي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٿي ويو، هڪ افضل ۽ اعلى ته ٻيو بدترين ۽ ڪمتر. حالت ٻنهي جي هڪجهڙي * هي به مالدار * هُو به مالدار     * هي به غريب * هُو به غريب پوءِ اجر ۽ انجام جي لحاظ کان ايڏو فرق ڇو؟ اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هڪ کي افضل ۽ ٻئي کي بدترين بڻائي رهي آهي. فرمايائون: اهو علم آهي.

*هڪ مالدار آهي گڏوگڏ علم وارو به آهي، اهو ڄاڻي ٿو ته * هن کي مال ڪيئن ڪمائڻو آهي؟ * مال ڪمائڻ جو ڪهڙو ذريعو حلال آهي ۽ ڪهڙو حرام؟ * حلال ڪمائي ۾ ڪهڙي طرح حرام داخل ٿي سگھي ٿو ان کان ڪيئن بچڻو آهي؟ * جڏهن مال اچي وڃي ته ان کي ڪيئن خرچ ڪرڻو آهي؟ منهنجي هن