Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

جيڪڏهن استاد سٺو هوندو ته ٻارن جي تربيت به سٺي ٿيندي، پر جيڪڏهن استاد خراب عقيدن وارو، غلط نظرين يا بري اخلاق ۽ ڪردار وارو هوندو ته ٻار به بگڙي ويندو تنهنڪري استاد جي چونڊ سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي.

(3): ٽيون ميم:  يعني منبر: اهو غور ڪيو ته توهان جو ٻار نماز پڙهڻ لاءِ ڪٿي وڃي ٿو؟ ڪهڙي منبر تان خطبو ٻڌي ٿو؟ ڪهڙي واعظ يا خطيب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو؟ چاهي اهو سوشل ميڊيا تان ٻڌي رهيو  هجي يا باقاعده مسجد ۾ وڃي ٻڌي رهيو هجي، جيڪڏهن صحابه جي گستاخن جون ڳالهيون ٻڌندو، اهلِ بيت جي گستاخن جون ڳالهيون ٻڌندو، اولياءِ ڪرام جي بي ادبن جون ڳالهيون ٻڌندو، ته اهو به بي ادب ۽ گستاخ ٿي ويندو. لهٰذا پاڻ به عاشقانِ رسول، عاشقانِ صحابه و اهل بيت جي مسجدن ۾ نماز پڙهو، اُتي ئي جمعي جي نماز به ادا ڪيو، پنهنجن ٻارن کي به اهڙين ئي مسجدن ۾ وٺي وڃو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻار باادب رهندا ۽ سندن ايمان به مضبوط ٿيندو رهندو.

(4):  چوٿون ميم: يعني معاشرو: يعني توهان جو ٻار ڪهڙي قسم جي دوستن سان گڏ رهي ٿو ۽ ڪهڙي ماحول ۾ اٿي ويهي ٿو؟ ان تي غور ڪيو، جيڪڏهن ٻار نيڪ، بااخلاق ۽ باڪردار دوستن سان گڏ هوندو ته  سٺو بڻجي ويندو ۽ جيڪڏهن برن دوستن جي صحبت ۾ رهندو ته برو بڻجي ويندو.

الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ اسان کي اِهي سڀ شيون فراهم ڪري ٿي * پنهجن ٻارن کي قرآن ڪريم حفظ ۽ ناظره جي تعليم ڏيارڻ چاهيو ٿا ته مدرسة المدينه ۾ داخل ڪرايو! * دنياوي تعليم ڏيارڻ چاهيو ٿا ته دارالمدينه موجود آهي، ان ۾ داخل ڪرايو! دنياوي تعليم اسلامي ماحول ۾ ميسر ٿيندي. الحمدلله! دارالمدينه ۾ بين الاقوامي  تقاضائن