Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

(1) : پهريون ميم: مطلب ماءُ. ماءُ جيتري سٺي هوندي اولاد جي تربيت اوتري ئي سٺي ٿيندي آهي بزرگ فرمائن ٿا:  اُطْلُبُ الْعِلْم َمِنَ الْمَہْدِ اِلیٰ اللَّحْدِ يعني ماءُ جي هنج کان وٺي قبر جي کَڏي تائين علم حاصل ڪريو![1]

  معلوم ٿيو ته علم ۽ تربيت جي شروعات ماءُ جي جهوليءَ کان ٿيندي آهي. هڪ بزرگ وٽ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: ”الله پاڪ مون کي پٽ عطا ڪيو آهي، مان ان جي سٺي تربيت ڪرڻ چاهيان ٿو، ڪا نصيحت فرمايو. بزرگ پڇيو: پٽ جي عمر ڪيتري آهي؟ جواب مليو: هڪ مهينو، بزرگ فرمايو: توهان دير ڪري ڇڏي. يعني ٻارن جي تربيت جي شروعات رشتي جي تلاش کان ٿيندي آهي. شادي لاءِ ڪنهن بااخلاق ۽ باڪردار عورت کي چونڊڻ اولاد جو پهريون حق آهي.

  هاڻي توهان سوچيندا: رشتو ته ٿي ويو، الله پاڪ اولاد به عطا ڪئي، هاڻي ڇا ڪيون؟ سولي ڳالهه آهي، اڃان به وقت گذريو ناهي* ٻارن جي ماءُ کي دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرايو * جامعة المدينه گرلز ۾ فيضانِ شريعت ڪورس ٿيندو آهي اهو ڪرايو * ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪورس ٿيندا آهن اهي ڪرايو* گهر ۾ مدني چينل ڏسڻ جو اهتمام ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻارن جي ماءُ جي به سٺي تربيت ٿي ويندي ۽ ان سان گڏ وگڏ ٻارن جي به سٺي تربيت ٿي ويندي.

(2): ٻيو ميم:  يعني استاد (مُعلِّم): پنهنجي ٻارن لاءِ استاد جي چونڊ سوچي سمجهي ڪيو، مسلم شريف ۾ آهي: هي علم توهان جو دين آهي، بهرحال غور ڪيو ته پنهنجو دين ڪنهن کان سکي رهيا آهيو.[2]


 

 



[1] قیمۃ الزمن عند العلما، صفحہ:57۔

[2] مسلم، مقدمۃ، باب بیان ان الاسناد...الخ، صفحہ:14۔