Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

اَنَا    مَیِّتٌ   کَمَا   تَرَانِیْ    طَرِیْحٌ                                                                                                                                بَیْنَ   اَطْبَاقِ   جُنْدَلِ  وَ صَخُوْرِ

اَنَا   فِیْ   بَیْتِ   غُرْبَۃٍ   وَ   اِنْفِرَادٍ                                                                                                                         مَعْ قُرْبِیْ مِنْ  جِیْرَتِیْ  وَعَشِیْرِی

لَیْسَ  لِیْ  فِیْہِ  مُؤْنِسٌ غَیْرَ سَعْیِ                                                                                                             مِنْ  صَلَاحٍ   سَعَیْتُہ،   اَوْ  فُجُورِ

فَکَذَا    اَنْتَ    فَاعْتَبِرْ   بِیْ   وَاِلَّا                                                                                                                              صِرْتَ  مِثْلِیْ  رَہِیْنٌ  یَوْمَ النُّشُوْرِ

ترجمو: * اي آخرت جي معاملن کان غافل ٿي ڪري انھن قبرن جي وچ ۾ هلڻ وارا * منهنجي ويجھو ٿي! مان توکي پنهنجي حالتن کان خبردار ڪيان، جو مون کان بهتر پنهنجون حالتون توکي ڪوبه نه ٻڌائيندو* مان مرده آهيان جيئن تون ڏسين پيو مونکي بَنْجر(يعني غير آباد) ۽ سڌي ميدان ۾ وڌو ويو آهي* پنهنجي پاڙيسرين ۽ گھر وارن جي باوجود مان هن گهر ۾ اڪيلو آهيان* نيڪين ۽ گناهن کان علاوه قبر ۾ مون سان گڏ ڪو به نه آهي         * اهڙي طرح توکي به قيامت واري ڏينهن لاءِ هتي گِروي رکيو ويندو، ان ڪري مون کان عبرت حاصل ڪر، نه ته تنهنجو به مون جھڙو حال ٿيندو.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان جي لاءِ نصيحتون آهن، ڪيڏيون سچيون ڳالھيون آھن. * ها! ها! اسان وٽ وقت تمام گهٽ رهجي ويو آهي. * افسوس! عنقريب جلد ۽ تمام جلد موت جو فرشتو اچي پهچندو، اسان جا سڀ خواب، سڀ خواهشون، گهر، بنگلو، شُھرت، سمورا ميڊل، وڏيون وڏيون ڊگريون، سڀ هتي رهجي ويندا ۽ اسان پنھنجي غفلت سميت قبر ۾ لهي وينداسين          * افسوس! ڪيترا ماڻھو آھن جيڪي وڏيون وڏيون خواهشون رکندا هئا، وڏا وڏا خواب ڏٺا هئا، موت ڪنھن کي به نه ڇڏيو، هڪ جھٽڪي ۾ سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا، موت انھن کي ليٽائي وڌو، ھاڻي ھو پنھنجي قبرن ۾ پنهنجي عملن سان گڏ آهن * ها! ها! هي قبرون آهن جيڪي اسان کي فنا جو پيغام ڏين ٿيون، ائين ناهي جو پهريان وارا هليا ويا ۽ اسان هميشه هتي رهجي


 

 



[1] الروض الفائق، صفحہ:26 ملتقطاً۔