Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
هو انھن شين کان تمام گهڻو غافِل آهي جيڪي اسان کي پهرايون ويون آهن * عنقريب هڪ ڏينهن اهو پنھنجي غفلت جي ڪري شرمسار ٿيندو جيئن اسان پنهنجي غفلت جي ڪري شرمندہ ٿياسين. ۽ هڪ ٻيو ڪتبو ڏٺو جنھن تي لکيل هو:
یَااَیُّہَا النَّاسُ کَانَ لِیْ اَمَلٌ قَصَرَ بِیْ عَنْ بُلُوْغِہِ الْاَجَل
فَلْیَقِ اللہَ رَبَّہُ رَجُلٌ اَمْکَنَہ فِیْ حِیَاتِہِ الْعَمَل
مَا اَنَا وَحْدِیْ جُعِلْتُ حَیْثُ تَرَی کُلٌّ اِلٰی مَا نُقِلْتُ یَنْتَقِل
ترجمو: * اي انسانؤ! منهنجون گهڻيون ئي اميدون هيون موت مون کي انھن تائين پهچڻ جي مهلت نه ڏني. * ته جيڪو شخص الله پاڪ کان ڊڄندو آهي الله پاڪ ان کي دنياوي زندگيءَ ۾ نيڪ عملن جي توفيق عطا فرمائيندو آهي * صرف مون کي ئي هتي ناهي رکيو ويو بلڪ تون ڏسندي ته جتي مونکي موڪليو ويو آهي هر هڪ اوڏاهين منتقل ٿيندو.
هڪ قبر تي لکيل هو:
قِفْ وَاعْتَبِرْ فَقَرِیْبًا تَحِلُّ ہٰذَا المَحَلَّا
ہٰذَا مَکَانٌ یُسَاوِی فِیْہِ الْاَعَزُّ الْاَذَلَّا
ترجمو: *(اي گذرڻ وارا) ٿورو بيھ! ۽ عبرت حاصل ڪر عنقريب توکي به هن جاءِ ۾ لهڻو آهي.* اهڙي جاءِ جتي عزت ۽ ذلت وارا سڀ برابر آهن.
هڪ ڪتبي تي هي شعرَ لکيل هو:
اَیُّہَا الْمَاشِیْ بَیْنَ ھٰذِی الْقُبُوْرِ غَافِلًا عَنْ مُعَقَّبَاتِ الْاُمُوْرِ
اُدْنُ مِنِّیْ أُنْبِیکَ عَنِّیْ وَلَا یُنْ بِیکَ عَنِّیْ یَا صَاحِ مِثْلَ خَبِیْرِ