Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
جي اذان ٿي وئي، مون ان جو شڪريو ادا ڪيو، ان وقت مون وٽ ٻه آنا هئا، مون ان کي ڏيندي چيو: هاڻي هي وٺو! باقي رقم صبح دڪان تي اچي ڪري کڻي وڃجو. اهو نهايت چڱو ماڻهو هو، چيائين: مونکي هي ٻه آنا ڪافي آهن. مان صبح نه اچي سگهندس.
ان شخص ڪم نهايت چڱي طريقي سان ڪيو هو ۽ جنهن مشڪل وقت ۾ هو مونکي ڪم آيو هو، ان جي اجرت گهڻي بڻجي رهي هئي پر اهو ٻه آنا ئي وٺي ڪري هليو ويو، مان اڄ تائين ان کي ڳوليندو آهيان ته ان جي خدمت ڪيان پر خبر ناهي ڪير هو، ٻيهر نه مليو.
هي واقعو ٻڌي ڪري بادشاھ سلامت اناج جي واپاريءَ کي واپس موڪلي ڇڏيو. پوءِ استادِ محترم ڏانهن رخ ڪري عرض ڪيائون: سائين! اهو شخص جنهن رات هن واپاريءَ جي گهر جي مزدوري ڪئي هئي، اهو مان ئي هيس، اهي ٻه آنا منهنجي هٿ جا ڪمايل، 100 فيصد حلال جا هئا، ان ڪري اهي مون اوهان کي پيش ڪيا هئا، ان ڪري ان ۾ ايڏي برڪت آئي.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي حلال جي برڪت...!! ماڻهو چوندا آهن: ڪوڙ جي بغير گذارو ناهي ٿيندو، دڪان ناهي هلندو، هي ظاهري طور تي پيسا ته گهڻا ڪمائي وٺندا آهن پر پوري ناهي ٿيندي، اها ڪوڙ جي ذريعي ڪمايل رقم ڪڏهن بيمارين ۾ نڪرندي آهي، ڪڏهن فضوليات ۾ خرچ ٿيندي آهي، تنهنڪري حلال ڪمايو! حرام کان پري رهو! حلال ذريعي سان جيتوڻيڪ پيسا گهٽ اچن پر ان ۾ برڪت هوندي. الله پاڪ اسان کي حلال ڪمائڻ، حلال ئي کائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم