Qayamat Ki Nishaniyan

Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan

تمام گهڻو امير ٿي ويا آهن، ڪٿي اهو ننڍڙو گهر هوندو هو، هاڻي ته وڏو گهر به خريد ڪري ورتو، مال ۽ دولت جي به اَچ وڃ لڳي پئي آهي. هي ٻڌي ڪري بادشاھ  کي وڏي حيراني ٿي.

   خير ڪجھ سالن کان بعد ٻيهر ملاقات ٿي ته استادِ محترم مُلا جِيون رحمةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ ئي چيو: اورنگزيب! توهان جيڪي ٻه آنا ڏنا هئا، ان ۾ تمام گهڻي برڪت پئي، مون ان کي ڪاروبار ۾ لڳايو ته ڪجھ ڏينهن ۾ کوڙ منافعو مليو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مان امير ٿي ويس.

   هاڻي بادشاھ سلامت معاملو سمجهي چڪا هئا. عرض ڪيائون: استادِ محترم! اهي ٻه آنا ڪهڙا هئا، ان جو راز به ٻڌايان؟ فرمايائون: ضرور ٻڌايو! بادشاھ سلامت فوراً هڪ سپاهي کي موڪليو، چيائين: فلاڻي پاڙي ۾ جيڪو اناج جو واپاري رهندو آهي، ان کي چئو پنهنجو فلاڻي سال جو کاتو کڻي ڪري مون وٽ اچي وڃي.  واپاريءَ کي حاضر ڪيو ويو، بادشاھ جو حڪم ٿيو: کاتو کولي ڪري پڙهڻ شروع ڪيو! ان پڙهڻ شروع ڪيو: هيتري رقم فلاڻي کي ڏني، هيتري فلاڻي کان ورتي، ايئن اهو پڙهندو ويو، بادشاھ سلامت ۽ ملا جيون رحمةُ اللهِ عَلَيْه توجھ سان ٻڌندا ويا. هڪ جڳھ پهچي ڪري  اناج جو واپاري خاموش ٿي ويو، حڪم ٿيو! پڙهو ڇونه ٿا، اڳتي به پڙهو! واپاريءَ هڪ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پڙهيو: ٻه آنا نامعلوم شخص کي ڏنا.

 بادشاھ پڇيو: هي نامعلوم شخص ڪير آهي؟ واپاري هڪ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ چيائين: بادشاھ سلامت! هي هڪ رات جو واقعو آهي، مان پنهنجي گهر هيس، مينهن وسي رهيو هو، ان دوران منهنجي گهر جي ڇت ٽِمڻ لڳي، هاڻي رات جو وقت هو، مينهن جي موسم، ان وقت مزدور رازا وغيره ڪٿان ملن ها، بهرحال! مان ٻاهر نڪتُس، هڪ شخص ملي ويو، مان سمجهيس ته مزدور ئي هوندو، مون ان کي چيو: ڀاءَ منهنجي ڇت جي مرمت ڪيو! اهو مون سان گڏ آيو، سڄي رات ڪم ڪندو رهيو، ان تمام ڀلو ڪم ڪيو، اڃان فارغ ئي ٿيو هو ته فجر