Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
اسان کي انهن چالن جي خبر ئي ناهي هوندي*اسان جي اندران هڪ آواز ايندو آهي: تون تمام سُٺو آهين. اسان مڃي وٺندا آهيون*اندر مان آواز ايندو آهي: تون تمام گهڻو نيڪ آهين. اسان مڃي وٺندا آهيون*اندر مان آواز ايندو آهي: تون تمام جاندار، شاندار، عبادت گذار، بي مثال آهين، اسان مڃي وٺندا آهيون*نفس چوندو آهي: تون لکن ۾ نه، ڪروڙن ۾ هڪ آهين، اسان چپ ڪري مڃي وٺندا آهيون. اسان کي هي اندازو ئي ناهي ٿي سگهندو ته اسان جو نفس اسان کي ورغلائي رهيو آهي، اسان جو نفس اسان کي خودپسندي، تڪبر، غرور وغيره باطني بيمارين ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي، جڏهن اسان سڃاڻي ناهيون سگهندا ته ان جو علاج به ناهيون ڪري سگهندا.
توهان کي معلوم آهي: تقريباً 150 کان وڌيڪ باطني بيماريون آهن ۽ هي سڀئي جهنم ۾ وٺي وڃڻ واريون آهن. عام طور انهن باطني بيمارين جا نالا به ماڻهن کي معلوم ناهن هوندا. پوءِ انهن جي تفصيلات، انهن جو شرعي حڪم، انهن کان بچڻ جا طريقا، وغيره وغيره هي ديني معلومات ته شايد ئي ڪنهن کي ايندي هجي.
هڪ معلوماتي ڳالھ عرض ڪيان؟ انهن سڀني باطني بيمارين جي شروعات خيالات سان ٿيندي آهي. جهڙوڪ*خودپسندي هڪ باطني بيماري آهي، شروع شروع ۾ اسان کي صرف خيالات ايندا آهن، دل ئي دل ۾ سوچ پيدا ٿيندي آهي ته مان ته ايترو سُٺو آهيان، مان هي به ڪندو آهيان، هو به ڪندو آهيان، منهنجي اندر هيءَ به خوبي آهي، هوءَ به خوبي آهي، پوءِ آهسته آهسته هي خيالات دل ۾ جڳھ بنائڻ لڳندا آهن، پوءِ آهسته آهسته اهي ئي خيالات خودپسندي جو مرض بڻجي ويندا آهن.*اهڙيءَ ريت تڪبر آهي*حبِّ جاھ (يعني مقام ۽ مرتبي جي خواهش) آهي*تعريف جي خواهش آهي*حرص*ڊگهي اميد وغيره بيماريون آهن، انهن سڀني جي شروعات خيالات سان ٿيندي آهي، پوءِ هي مرض جي