Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
تي ڪاھ ڪري رهيو آهي، ٻي پاسي شيطان چال بدلي بدلي وار ڪري رهيو آهي، ٽئين پاسي بدمذهب ايمان تي ڌاڙو هڻڻ ۾ مصروف آهن ته چوٿين پاسي دُنيا جي اجائي محبت ايمان جي لاءِ آزمائش آهي! يعني ايئن سمجھو ته ڪو هٿ مروڙي رهيو آهي، ڪو ٽنگ ڇڪي رهيو آهي، ڪو مُڪو هڻي رهيو آهي، ڪو لتون هڻي رهيو آهي، هر هڪ پُورو زَور لڳائي رهيو آهي ته ڪنهن نموني اسان کان ايمان کسجي وڃي، هاءِ! هن حالت ۾ ايمان جي دولت کي سلامت کڻي قبر ۾ ڪيئن داخِل ٿينداسين...!! ([1]
راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے؟ پاؤں افگار ہے، کیا ہونا ہے؟
دُور جانا ہے رہا دِن تھوڑا راہ دُشوار ہے کیا ہونا ہے؟
ہائے رے نیند مُسَافِر تیری کُوچ تیار ہے، کیا ہونا ہے؟
ارے اَو مجرمِ بےپروا دیکھ سَر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے؟ ([2])
وضاحت! افسوس! آّخرت جو اهو خطرناڪ سفر، سڪرات جون تڪليفون، قبر جون سختيون، ميدانِ محشر جون هولناڪيون، پلصراط جي دهشت..!! افسوس! نهايت ڪنڊيدار رستو آهي ۽ اسان گنهگار....!! افسوس ڇا بڻبو؟ سفر ڊگهو آهي، وقت ٿورو رهجي ويو آهي، رستو نهايت مشڪل آهي، افسوس! اي غافل انسان..!! تنهنجي غفلت! موت بس اچڻ وارو آهي ۽ تون غفلت ۾ آهين، اري او بي پرواھ، او مجرم! ڏس ته موت جي تلوار هر وقت مٿي تي لٽڪي رهي آهي...!! ڇا ٿيندو.
الله ربّ العزت پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان تي سڪرات جون ڪيفيتون آسان فرمائي. ڪاش! جڏهن آخري وقت مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرم فرمائيندي پنهنجي گنهگار جي مٿن کان تشريف کڻي اچن، ڪاش! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ جلوه ڏسندي، ديدار جا جام پيئندي بلڪل