Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun
هاڻي ڪعبو شريف به تَلۡبيه پڙهندو، (يعني ڪعبو شريف به چوندو: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان)، پوءِ ڪعبي شريف کي هن شان سان ميدانِ محشر ۾ آندو ويندو جو دنيا ۾ ڪعبي جي زيارت ڪرڻ وارا ان جي چؤطرف طواف ڪري رهيا هوندا ۽ سڀني جي زبانن تي هي ڪلما هوندا: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان).[1]
حج کا شَرَف ہو پھر عطا یا ربِّ مصطَفٰے میٹھا مدینہ پھر دِکھا یا ربِّ مصطَفٰے
دیدے طوافِ خانَۂ کعبہ کا پھر شَرَف فرما یہ پورا مُدَّعا یا ربِّ مصطَفٰے[2]
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ پڙهڻ جي ڪيڏي برڪت آهي، ميدانِ محشر...! 50 هزار سالن جو ڏينهن، ٽامي جي تتل زمين، سوا ميل تي رهي ڪري باھ وسائيندڙ سج، جهنّم سامهون، جنت سامهون، پل صراط لڳائي ويندي، قهر سامهون هوندو، عملَ توريا ويندا، ان وقت ڪعبي شريف جي زيارت ڪرڻ وارا، خانهءِ ڪعبه جي طواف جو شرف ماڻڻ وارا، لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ جون صدائون هڻڻ وارا، قيامت جي ڏينهن ميدانِ محشر ۾ هن شان سان ايندا جو ڪعبو شريف انهن سان گڏ هوندو، هي خوش نصيب ڪعبي جي طواف ۾ مصروف هوندا ۽ جهومي جهومي ڪري لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ جون صدائون لڳائي رهيا هوندا.
دیدے طوافِ خانَۂ کعبہ کا پھر شَرَف فرما یہ پورا مُدَّعا یا ربِّ مصطَفٰے[3]
الله ڪريم اسان کي به ڪعبه شريف جي زيارت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ، اسان کي به حج جي سعادت نصيب ٿئي، عمرو ڪرڻ، صَفا مروه جي سَعي ڪرڻ، منٰي ۽ عرفات ۾ رڪجڻ جي توفيق نصيب ٿئي، ڪاش! اسان به جهومي