Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun
لَا تَاْكُلُوا الرِّبٰۤوا (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: 130)
ترجموڪنز العرفان: وياج نه کائو
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان.
ربّ فرمائي ٿو:
لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ كَفَرُوْا (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: 156)
ترجمو ڪنز العرفان: انهن ڪافرن وانگر نه ٿجو
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان.
ربّ فرمائي ٿو:
لَا تَاْكُلُوْۤا اَمْوَالَكُمْ بَیْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ (سيپارو: 5، سورة نساء: 29)
ترجمو ڪنز العرفان: پاڻ ۾ هڪٻئي جو مال ناحق نه کائو
يعني رشوت نه کائو، وياج نه کائو، ناحق ٻئي جي مال تي قبضو نه ڪيو، ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان.
ربّ فرمائي ٿو:
اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ (سيپارو: 5، سورة نساء: 59)
ترجمو ڪنزالعرفان: الله جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي اطاعت ڪريو
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك.
رب فرمائي ٿو:
اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ۬ؕ- (سيپارو: 6، سورة مائدہ: 1)
ترجمو ڪنزالعرفان: واعدا پورا ڪريو