Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جا چهرا ڪارا ٿي ويندا، اهي (جهنمي) دوزخ جي ڪنارن وٽان پڪاريندا ۽ جهنّم جي داروغي حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ايئن پُڪاريندا وتندا: اي مالڪ! اسان تي عذاب جو وعدو سچو ٿي چڪو، اي مالڪ! لوهي ڪڙيون اسان تي گھڻيون وزني آهن، اي مالڪ! اسان جو کلون پچي چڪيون آهن، اي مالڪ! هاڻي اسان کي هن مان ڪڍي ڇڏ اسان ٻيهر بُرا عمل نه ڪنداسين۔ دوزخ جا فرشتا جواب ڏيندا: هاءِ افسوس! امان جو وقت پورو ٿي چڪو، هاڻي توهان جي لاءِ هن (جهنم) مان نڪرڻ جي ڪا راھ ناهي! رهو هن ۾ ڌڪاريل ۽ ڳالهايو نه، جيڪڏهن توهان کي هڪ ڀيري ان مان ڪڍيو به وڃي ته توهان ٻيهر اهو ئي ڪندؤ جنهن کان توهان کي منع ڪيو ويندو آهي۔

هاڻي جھنمي نا اميد ٿي ويندا ۽ الله پاڪ جي مقابلي ۾ حد کان وڌڻ تي افسوس ڪندا، پر هاڻي انهن کي شرمساري نجات نه ڏياري سگھندي ۽ نه ئي افسوس فائدو ڏئي سگھندو بلڪه جهنمين کي طوق (لوهي هار) پارائي منهن ڀر جھنم ۾ وڌو ويندو، جهنمين جي هيٺ مٿي ساڄي کاٻي، الغرض هر پاسي باھ ئي باھ هوندي، اهي باھ جي اندر غرق هوندا، ايستائين جو باھ ئي انهن جو کاڌو، باھ ئي انهن جو پيئڻ، باھ ئي انهن جو پائڻ، باھ ئي انهن جو بستر هوندي، جهنمين کي تارڪول (ڏامر) جو لباس پارايو ويندو، جهنمين کي گُرز هنيا ويندا، جهنمين کي وزني ٻيڙيون پارايون وينديون، جهنمي جهنم جي تنگ وادين ۾ دانهون ڪندا ۽ ان جي گهري طبقات ۾ لگامن ۾ جڪڙيل هوندا۔ جهنمين تي ديڳڙي جيان جوش هڻندڙ باھ وڌي ويندي اهي دانهون ڪندا ۽ آھ وزاري ڪندا رڙيون ڪندا وتندا، جهنمي جڏهن به موت کي سڏيندا انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي وڌو ويندو جيڪو انهن جي کل ۽ پيٽن جي اندر جيڪو ڪجھ آهي سڀ پگھاري ڇڏيندو، جهنمين جي لاءِ لوھ جا گُرز هوندا جيڪي اُنهن جي پيشانين کي ڀوري ڇڏيندا آهن ۽ انهن جي وات مان خون مليل پونء نڪرندي، اڃ جي شدت سبب انهن جا جگر ڦاٽي پوندا، انهن جي اکين جا تارا ڳلن تي وهي ويندا ۽ ڳلن جو گوشت ڇڻي ويندو، انهن جي عضوئن تان وار