Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
جهنم جو نگهبان چوندو:
اَوَ لَمْ تَكُ تَاْتِیْكُمْ رُسُلُكُمْ بِالْبَیِّنٰتِؕ- (پاره:24، سورۂ مؤمن:50)
ترجمو ڪنز العرفان: ڇا توهان وٽ توهان جا رسول نشانيون نه آڻيندا هئا؟
دوزخي چوندا:
بَلٰىؕ- (پاره:24، سورۂ مؤمن:50)
ترجمو ڪنز العرفان: ڇونه
جهنم جو نگهبان فرمائيندو:
قَالُوْا فَادْعُوْاۚ-وَ مَا دُعٰٓؤُا الْكٰفِرِیْنَ اِلَّا فِیْ ضَلٰلٍ۠(۵۰) (پاره:24، سورۂ مؤمن:50)
ترجمو ڪنز العرفان: ملائڪ چوندا پوءِ توهان ئي دعا ڪيو ۽ ڪافرن جي دعا ناهي پر ڀٽڪڻ
پوءِ دوزخي (جهنم جي نگهبان) حضرتِ مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام کي التجا ڪندا:
یٰمٰلِكُ لِیَقْضِ عَلَیْنَا رَبُّكَؕ- (پاره:25، سورۂ زخرف:77)
ترجمو ڪنز العرفان: اي مالڪ! تنهنجو رب اسان جو ڪم تمام ڪري
حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمائيندا:
اِنَّكُمْ مّٰكِثُوْنَ(۷۷) (پاره:25، سورۂ زخرف:77)
ترجمو ڪنز العرفان: توهان کي ته رهڻو آهي.
يعني توهان کي موت نه ايندو، توهان کي ايئن عذاب ۾ رهڻو آهي۔ حضرت سيدُنا امام اعمش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي خبر ڏني وئي آهي ته جهنمين جو حضرت مالڪ عَلَيۡهِ السَّلَام کي پڪارڻ ۽ حضرت مالڪ عَلَيۡهِ السَّلَام جو انهن کي جواب ڏيڻ جي وچ ۾ هڪ هزار سال جو وقفو هوندو۔([1])