Book Name:Qurani Talimat Sikhiye Aur Amal Kijiye

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِڪاف جي معنيٰ آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري نصيب ٿئي، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو! ٿوري تَوَجُّھ جي ضرورت آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ثواب هٿ ايندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي يا آبِ زَم زَم پيئڻ وغيره شرعاً جائِز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪنداسين ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

حضرت عَبدُ الرَّحمٰن بن عَوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي: هڪ ڏينهن نبين جا سردار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھران ٻاهر نڪتا ۽ هڪ باغ ڏانهن رُخ ڪيائون، حضرت عَبدُ الرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ ڏسي سندن پويان پويان هلڻ لڳا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم باغ ۾ داخِل ٿيا، قبلي ڏانهن منهن ڪيو ۽ مٿو سجدي ۾ رکيائون، حضرت عَبدُ الرَّحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ پري بيهي ڏسندا رهيا، فرمائن ٿا: بيڪسن جي مددگار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام ڊگهو سجدو ڪيو، ايستائين جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سجدي