Book Name:ALLAH Pak Kay Piyaray Naam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نيت دِل جي ارادي جو نالو آهي، لهٰذا جڏهن به مَسجِد ۾ حاضِري ٿئي، هر ڀيري ياد ڪري، دِل ۾ ارادو رکي عربي، اردو، (سنڌي) يا ڪنهن به زبان ۾ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ گھرجي، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب به ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعي طور جائز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪرڻ سان اهي سڀ ڪم به جائز ٿي ويندا.

درود شريف جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي عرش کان سِواء ڪو سايو نه هوندو، ٽي شخص الله پاڪ جي عرش جي سايي ۾ هوندا (1): اهو شخص جيڪو منهنجي اُمَّتي جي پريشاني پري ڪري (2): منهنجي سُنّت کي زِندھ ڪرڻ وارو (3): مون تي ڪثرت سان درود شريف پڙھڻ وارو۔([1])

بیٹھتے اٹھتے، جاگتے سوتے        ہو   اِلٰہی   مرا   شِعَار   درود([2])


 

 



[1]... البدور السافرۃ، صفحہ:169-170، حدیث:364۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:124۔