Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

اعليٰ حضرت جو سَفَر بالقلب

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهر بريلي شريف ۾ هڪ مَجۡذُوب رهندو هو۔ مَجۡذُوب ان وَلِيُ الله کي چوندا آهن جيڪو محبتِ الٰهي ۾ گم ٿي وڃي۔ 1316 هجري جو واقعو آهي ته بريلي شريف جو اهو مَجذُوب اعليٰ حضرت جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيو، ۽ هو روحاني طَور تي زمين جي سَير ته ڪري چڪو هو، پر آسمان جي سَير اڃا نه ڪئي هئي، لهٰذا ناواقفيت جي ڪري چوڻ لڳو حضور سيد عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت زمين تي نظر اچي رهي آهي پر آسمان تي نظر نه ٿي اچي. سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو حضور پُرنور رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت جهڙي طرح زمين تي آهي، اهڙيءَ طرح  آسمان تي به آهي. اُن مَجۡذُوب بُزُرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وري چيائين؛ حضور اڪرم، نور مجسم جي حڪومت زمين تي نظر اچي رهي آهي، آسمان تي نظر نه ٿي اچي.

اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وري فرمايو؛ ڪنهن کي نظر اچي يا نه اچي پر منهنجي آقا، شهنشاههِ دو جهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت بحروبر، خشڪ ۽ تر،   شجر و حجر، شمس و قمر، زمين ۽ آسمان، هر شيءِ تي، هر جڳهه جاري هئي، جاري آهي ۽ جاري رهندي. اهو جواب ٻڌي ڪري اهو مجذوب هليو ويو.

هوڏانهن اهو مجذوب صاحب ويو، هوڏانهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شهزادا مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جي عمر مبارڪ ان وقت 6 سال هئي، ۽ ان وقت هو ڇت تي تشريف فرما هو جو اوچتو ڇت تان ڪري پيو. اهو حال ڏسي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والده محترمه پريشان ٿي اعلى حضرت کي سڏ ڪري فرمايائين تون هاڻي هڪ مجذوب سان اٽڪي پيو هئين ۽ اهو شايد غصي ۾ هليو ويو هو. ڏسو تڏهن ته هي مصطفى رضا ڇت تان ڪري پيو آهي مجذوبن سان اٽڪڻ نه گهرجي.

 اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ادب سان چيو، مصطفى رضا ڇت تان ڪريو ته آهي پر کيس ڌڪ نه لڳو هوندو. ڏٺو ويو ته واقعي سندن شهزادو صحيح سلامت