Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

شعبان المعظم جون اهم عبادتون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

ڪثرَتِ درود  جي فضيلت

الله جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ قيامت جي ڏينهن توهان مان منهنجي گھڻو ويجھو اهو شخص هوندو جن دُنيا ۾ مون تي گھڻا درود پڙھيا هوندا۔

 (ترمذی، ابواب الوتر، باب ما جافی فضل الصلوۃ، صفحہ:144، حدیث:484)