Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

سڀ کان وڌيڪ سخي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

حضور جي مرڪڻ سان سُئي ملي وئي

اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا سَحري جي وَقت ڪجھ سبي رهيون هيون، اوچتو هٿان سُئي ڪري پئي ۽ چَراغ (Lamp) به وسامي ويو۔ ايتري ۾ رَحمتِ عالم، نورِمجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن تشريف فرما ٿيا۔ نوراني چهري جي روشني سان سڄو گھر روشن ٿي پيو، ايستائين جو سُئي به ملي وئي۔ اُمُّ المؤمِنين رَضِىَ اللهُ عَنْهَا عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو چهرو ڪيترو روشن آهي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: وَيلٌ لِّمَنْ لَّا يرَانِي يوْمَ الْقِيامَۃِ۔ يعني ان شخص جي لاءِ هلاڪت آهي جيڪو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسي نه سگھندو۔ عرض ڪيو: اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي قيامت جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ فرمايائون: اهو بَخيل