Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

هر مهيني يارهين شريف ڪريو

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٿي سگھي ته هر مهيني يارهين شريف ڪريو۔ ضروري ناهي ته ان جي لاءِ هزارين روپيا ئي خرچ ڪيا وڃن بلڪه جيترو آساني سان ميسر ٿئي، انهيءَ سان الله پاڪ جي هن ولي ڪامل جي نياز ڪريو، حڪيم الۡاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن هر چنڊ جي يارهين شب يعني ڏهين ۽ يارهين تاريخ جي وچين رات تي مقرر پيسن جي مٺائي مسلمان جي دڪان تان خريد ڪري پابندي سان يارهين جي فاتحه ڏيڻ سان رزق ۾ گھڻي ئي بَرَڪت ٿيندي ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ڪڏهن پريشان حال نه ٿيندؤ پر شرط اهو آهي ته ڪا تاريخ خالي نه ڇڏي ۽ جيترا پيسا مقرر ڪري ان ۾ ڪمي نه ٿئي ايترا ئي پيسا مقرر ڪري جيترن جي پابندي ڪري سگھي۔ مان پاڻ به ان جو سختي سان پابند آهيان ۽ الله پاڪ جي فضل سان ان جون خوبيون بي شمار ماڻيان ٿو۔ (اسلامي زندگي،ص۱۳۳)

ہم کو ’’گیارہ‘‘ کا ہے عدد پیارا،                                               ان کی تاریخِ عرس ہے گیارہ

یوں عدد ہم کو پیارا گیارہ ہے،                                    واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائل بخشش مُرمَّم،ص۵۷۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ايمان ۽ عقائد جي درستگي کان پوءِ تمام فرائض ۾ نهايت اهم ۽ اعظم نماز آهي. (بہارِ شریعت ،۱/۴۳۳) قرآن و حديث هن جي اهميت سان مالامال آهن. هڪ روايت جي مطابق قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان نماز جو حساب ورتو ويندو. (ابن ماجہ، ۲/۱۸۳،حدیث:۱۴۲۶ )  قرآنِ پاڪ ۾ جڳھ به جڳھ ان جي تاڪيد آئي آهي. اسان جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نماز سان بيحد محبت هئي. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو ويو: اسلام ۾ الله پاڪ جي نزديڪ سڀ کان وڌيڪ محبوب ڪهڙي شيءِ آهي؟ ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: نماز کي پنهنجي وقت ۾ ادا ڪرڻ، جنهن نماز ڇڏي ان جو ڪو دين ناهي، نماز دين جو ٿنڀ آهي. (شعب الايمان، ۳/۳۹، حدیث: ۲۸۰۷)

غوثِ اعظم، پيرانِ پير، روشن ضمير حضرت عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ مبارڪه ۾ به نماز سان محبت جا واقعا ملن ٿا: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ