Book Name:Khudkshi Par Ubharny Waly Asbaab

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

خودڪشي تي اڀاريندڙ سَبَبَ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

رسولِ اڪرم نورِ مُجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: منهنجو جيڪو اُمّتي اِخلاص سان مون تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙھندو الله پاڪ ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو، ان جا ڏھ (10) دَرَجات بلند فرمائيندو، ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکندو ۽ ان جا ڏھ (10) گناھ مٽائيندو۔ (سنن کبرٰی، کتاب عمل الیوم …الخ، باب ثواب الصلاۃ…الخ،۶/۲۱،حدیث:۹۸۹۲)

میری زبان تَر رہے ذِکْر و دُرُود سے                                    بے جا ہنسوں کبھی نہ کروں گفتگو فُضول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني