Book Name:Zulm Ka Anjam

مُعاشري مان ظلم جو خاتمو ڪرڻ ۾ دينِ اسلام جو ڪردار:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته جڏهن اللہ  پاڪ ڪنهن ظالم جي پڪڙ ڪندو آهي ته پوءِ ان کي بچائڻ وارو ڪير ناهي هوندو۔ يقينا ً ظلم هڪ اهڙو بدترين فعل آهي جنهن سبب جھيڙا ۽ فساد ٿيندا آهن، ماڻهن جي عزتن جو تحفظ ناهي رهندو، مُعاشري جو امن ۽ سڪون تباھ ٿي ويندو آهي، ماڻهو بغاوت ۽ سرڪشي تي لهي ايندا آهن ۽ مسلمانن جا حق ضائع ٿيندا آهن۔ دينِ اسلام جيئن ته انساني حقن جو وڏو محافظ ۽ معاشري ۾ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ وارو مذهب (Religion) آهي۔ ان ڪري اسلام هر ان ڪم کان منع ڪيو آهي جيڪو ٻانهن جا حق ضايع ڪرڻ جو سبب ٿيندو هجي۔ هنن ڪمن ۾ ظلم جو ڪردار جيئن ته ٻين فعلن جي مقابلي ۾ تمام گھڻو آهي ان ڪري اسلام ظلم جي خاتمي جي لاءِ به تمام بهترين قدم بيان ڪيا  آهن ته جيئن ماڻهن جا حق محفوظ رهن ۽ اهي امن ۽ سڪون واري زندگي گذارين۔ انهن مان هڪ قدم (Step) هي آهي ته جتي ڪنهن تي ظلم ٿيندي ڏسو ته پنهنجي استطاعت جي مطابق ظالم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون، ان کي اسلام جي پاڪيزه تعليمات کان آگاھ ڪندي ظلم جي وعيدن تي مشتمل حديث سڳوريون ٻڌايون ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو:

(1) اي انسانو! اللہ  پاڪ کا ڊڄو، خدا جو قسم! جيڪو مومن ٻي مومن تي ظلم ڪندو ته قيامت جي ڏينهن اللہ  پاڪ ان ظالم کان انتقام وٺندو۔
(ڪنز العمال، ڪتاب الاخلاق، قسم الاقوال، الظلم والغضب، ۲/۲۰۲، الحديث: ۷۶۲۱، الجزء:۳)

(2) ارشاد فرمايائون: جنهن ڪنهن ظالم جي ان جي ظلم تي مدد ڪئي اهو قيامت جي ڏينهن ان حال ۾ ايندو جو ان جي پيشاني تي لکيل هوندو:’’آيسٌ مِّنْ رَّحْمَۃِالله‘‘ يعني هي اللہ  ڪريم جي رحمت کان مايوس آهي۔ (مسند الفردوس، باب الميم، ۲/۲۹۷، الحديث: ۶۲۳۲)

(3) ارشاد فرمايائون: ظلم ۽ قطعِ رحمي (يعني رشتيداري ختم ڪرڻ) کان علاوه