Book Name:Auliya Allah Ki Shan

قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندو. (ابوداؤد، ۴/۳۲۶، حدیث :۴۷۷۸)  xلباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي۔ (کشف الالتباس فی استحبابِ اللباس ،ص ۳۶) x (لباس) پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾. (کشف الالتباس فی استحبابِ اللباس ،ص۴۳) x اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو۔  xدعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحي 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ مان وڌ اڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ بالشت هجي۔ (رَدُّالْمُحتار ، ۹/ ۵۷۹)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

تم سُدھر جاؤ گے گر اِدھر آؤ گے

فضلِ مولیٰ سے جب آئیں گے پائیں گے

سیکھنے سنّتیں، قافِلے میں چلو

جذبۂ     علمِ   دیں     قافِلے    میں     چلو