Book Name:Auliya Allah Ki Shan

پنهنجي اولياء ڪرام جو ادب نصيب فرمائي، اسان کي ۽ اسان جي نسلن کي به پنهنجي ولين جي بي ادبي کان محفوظ فرمائي ۽ اسان جي دلين کي اولياء ڪرام جي محبت سان آباد فرمائي۔  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

محفوظ سَدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے

اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے ادبی ہو

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷، حدیث: ۱۷۵)

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

لباس جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو باني دعوتِ اسلامي،شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل ‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔

فرمان ِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: x جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث ۲۵۰۴) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خانعَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) x جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي