Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ علٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

حضرت عيسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ زندگي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُودِ پاڪ جي فضيلت

 ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مُختار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ دِلنشين آهي: اي انسانو! بيشڪ قِيامت جي ڏينهن ان جي دَهشتن ۽ حِساب ڪتاب مان جَلد نَجات ماڻڻ وارو شَخص اهو هوندو جنهن توهان مان مون تي دُنيا ۾ ڪثرت سان دُرُود شريف پڙھيا هوندا۔ (فردوس الاخبار ، ۲ / ۴۷۱،حدیث ۸۲۱۰ )

پڑھتا رہوں کَثْرت سے دُرُود اُن پہ سَدا میں                 اور ذِکْر کا بھی شَوق پئے غَوث و رَضا دے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۱۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

 نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس، ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس، ضرورت