Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط

اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط

ماهِ ميلاد ملهائڻ جا واقعا

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ

نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرُودِپاڪ جي فضيلت

حُضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بخشش نشان آهي: الله عَزَّ وَجَلَّ جي خاطر پاڻ ۾ مَحَبَّت رکڻ وارا جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ مُصافحو ڪن ۽ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِ پاڪ موڪلن ته انهن جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گُناھ بخشيا ويندا آهن۔  (مسند ابي يعلي،۳/۹۵،حديث۲۹۵۱)

گرچہ ہیں بے حد قُصور تم ہو عَفُوّ و غَفُور

بخش دو جُرم وخطا تم پہ کروڑوں دُرُود

 (حدائقِ بخشش،ص266)

شعر جو خلاصو

اي منهنجا ڪريم آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيتوڻيڪ منهنجا گناھ حد کان وڌيڪ آهن، پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ته تمام وڌيڪ معافي عطا ڪرڻ