Ameer e Ahlesunnat Ki Naatia Shaeri

Book Name:Ameer e Ahlesunnat Ki Naatia Shaeri

جي دلڪشي کي * ۽ محبوب جي رنگت کي چنڊ سان تشبيهه ڏيڻ شاعري ۾ تمام گهڻو عام آهي.

امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہم الْعَالِیَہ به پنهنجي شاعري ۾ نبي پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي چهرهءِ انور کي ڪيترن ئي جاين تي چنڊ سان تشبيهه ڏني آهي.

هڪ مقام تي فرمائن ٿا:

چاند سا چمکاتے چِہرہ نور برساتے ہوئے          آگئے بدرُالدُّجیٰ، اہلاًوَّسَہلاًمرحبا[1]

مفهوم: يعني ربيع الاول جي ٻارهين تي پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو، جنهن جي برڪت سان اونداھيون راتيون روشن ٿي وينديون آهن، هر طرف نور پکيڙيندي تشريف کڻي آيا.

اللہ اکبر! پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي راتين کي چمڪائڻ واري، اونداھين ۾ اجالو ڪرڻ واري، روشن روشن چهري بابت مسلمانن جي پياري امي جان سيده عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون ته مان سحري جي وقت ڪجهه سبِي رهي هئس ته سُئي منهنجي هٿ مان ڪري پئي، اتفاق سان ڏيئو به وسامي ويو. ايتري ۾ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي آيا، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي چهرهءِ اقدس جي نور سان سمورو ڪمرو روشن ٿي ويو ۽ مون کي سُئي ملي وئي.[2]


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:146۔

[2] القول البدیع، الباب الثالث، صفحہ:153۔