Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

(Permission) گهري. پاڻ فرمايائون: قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏيو ۽ جيڪو ڪجهه اهي ڏين، وٺي وٺو! اسان قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏنو، انهن ڪافي سارو سامان پيرانِ پير حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي بارگاھ ۾ نذرانو پيش ڪيو، هن سامان ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا مبارڪ جوتا به هئا. هي ڏسي اسان کي حيرت ٿي، اسان قافلي وارن کان پڇيو: هي جوتا اوهان کي ڪٿان مليا؟ انهن چيو: 3 صفر شريف جي ڳالهه آهي، اسان تي چورن (Permission) حملو (Attack) ڪيو، اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل (Kill) ڪيائون ۽ سامان به ڦري ويا. چور  (Bandit) اسان جو مال هڪ طرف کڻي وڃي پاڻ ۾ ورهائي رهي هئا، ان وقت اسان نيت ڪئي ته غوثِ پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اسان جي مدد (Help) فرمائن ۽ اسين هن مصيبت (Trouble) کان بچي وڃون ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪنداسين.

اڃا اسين پاڻ ۾ هي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته جهنگ (Forest) ۾ 2 بلند آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جن سان سڄو خاموش جهنگ گونجي اُٿيو، چور به ڊڄي ويا. پوءِ ڪجھ گهڙين کان بعد هڪ چور ڊنل پريشان اسان وٽ آيو ۽ چيائين: اچو! اوهان پنهنجو مال کڻي وٺو! ۽ ڏسو اسان جو ڇا حال ٿيو آهي؟ اسان جلدي سان چورن جي ويجهو پهتاسين، ڏٺوسين: انهن جا ٻئي سردار مئل پيا آهن ۽ انهن وٽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا هي مبارڪ جوتا رکيل آهن. بس اسان جوتا کنيا، پنهنجو مال ورتو ۽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻ حاضر ٿي وياسين. ([1])

اَسِیْروں کے مُشْکِل کُشا غوثِ اعظم!                                            فقیروں کے حاجَت رَوا غوثِ اعظم!

گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا                                                                                 مدد کے لئے آؤ یاغوثِ اعظم!

ترے ہاتھ میں ہاتھ مَیں نے دیا ہے                                                          ترے ہاتھ ہے لاج یاغوثِ اعظم!([2])


 

 



[1]...بَہْجَۃ ُالْاَسْرَار، ذکر فصل من کلامہ مرصعا بشئی من ...الخ، صفحہ:132 خلاصۃً۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:180۔