Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

ٽڪڙا ٿي ويندو آهي * لَٿل سج (Sunset) واپس اچي ويندو آهي * هن دعا جي برڪت سان مُڙدا زنده ٿي ويندا آهن * دلين جا انڌا هدايت ماڻي وٺندا آهن ۽ سُبْحٰنَ اللہ! دعاءِ مصطفيٰ جي ڇا شان آهي...!! ربِ ڪريم فرمائي ٿو:

وَصَلِّ عَلَیْهِمْؕ-اِنَّ صَلٰوتَكَ سَكَنٌ لَّهُمْؕ-

(سيپارو: 11، التوبه: 103)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ انهن جي حق ۾ دعاءِ خير ڪيو بيشڪ اوهان جي دعا  انهن جي دلين جو سڪون آهي

ڪنهن ڪنهن کي دل جو سڪون (Peace of Heart) گهرجي؟ ڪير ڪير پنهنجو بگڙيل ڪم ٺاهڻ چاهي ٿو؟ ڪير ڪير دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين جو طلبگار آهي؟ يقينن اسان سڀ آهيون. ان جي لاءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ تمام آسان (Easy) ڪم...!! درود پاڪ پڙهندا ڪريو! اسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي درود پاڪ پڙهون، اسان جو درود بارگاھِ رسالت ۾ پهچندو آهي ۽ حضور اڪرم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: وَصَلَّیْتُ عَلَیْہِ جيڪو مون تي درود پڙهندو آهي، مان ان جي لاءِ دعا ڪندو آهيان.

اس جوابِ سلام کے صدقے!                                                                         تاقیامت ہوں بےشمار سلام

میری بگڑی بنانے والے پر                                                                                   بھیج اے کِردگار سلام

اس پناہِ گنہگاراں پر                                                                                                                                یہ سلام اور کرور بار سلام([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قَالَ الله تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّمَا وَلِیُّكُمُ اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوا الَّذِیْنَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَ هُمْ رٰكِعُوْنَ(۵۵)

وَ مَنْ یَّتَوَلَّ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا فَاِنَّ حِزْبَ اللّٰهِ هُمُ الْغٰلِبُوْنَ۠(۵۶)

(سيپارو: 6، المائده: 55_ 56)

 صَدَقَ الله الْعَظِیْمُ وَ صَدَقَ رَسُولُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...ذوق نعت، صفحہ:170-171 بتقدم و تاخر۔