Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
مان جوانيءَ ۾ تمام سٺو گلوڪار (Singer) هيس، منهنجو آواز سُريلي (Melodious) هو، ماڻهو تمام شوق سان مون کي ٻڌندا هئا، گذرسفر تمام سٺو هلي رهيو هو، پوءِ مان پوڙهو ٿي ويس، آواز پهرين جهڙو نه رهيو، بس ان ڪري منهنجي مقبوليت (Fame) کي زوال (Downfall) اچي ويو، هاڻي ماڻهن منهنجي طرف توجھ هٽائي ڇڏيو، مون کي ٻڌڻ ڇڏي ڏنو، ان ئي ڏک ۾ هڪ ڏينهن مون سوچيو ته جيئرا ماڻهو منهنجو گيت نه ٻڌن ته نه ٻڌن، هاڻي مان مُردن کي ٻڌائيندس، اهو سوچي مان قبرستان هليو ويس، ڪڏهن ان قبر وٽ، ڪڏهن هُن قبر وٽ، ائين گهمي ڦري مون گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏنا. ان دوران مان هڪ قبر وٽ ويٺو هيس ته اوچتو قبر کلي وئي، ان مان هڪ شخص نڪتو، ان چيو: اي شخص! ڪيترو وقت مُردن کي ٻڌائيندو رهندين...؟ پنهنجي فرياد الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪر، بيشڪ اهو حَيّ ۽ قَيُّوم آهي. اهو منظر ڏسي مان بيهوش ٿي ويس، جڏهن هوش آيو ته عقل به ٺڪاڻي اچي چڪو هو، اهڙيءَ طرح مون الله پاڪ جي بارگاهه ۾ فرياد پيش ڪئي. اڃا رب ڪريم جي حضور عرض ڪيو ئي هُيم ته توهان جو خادم پهچي ويو ۽ مون کي 100 اشرفيون عطا فرمايون. ايترو چوڻ کان پوءِ ان پوڙهي ماڻهو پنهنجو گِٽار ڀڃي ڇڏيو ۽ سچي دل سان توبه ڪري نيڪ انسان بڻجي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هن پوڙهي ماڻهو ڏک، درد ۽ پريشانيءَ جي عالَم ۾ فرياد ڪنهن جي حضور ڪئي؟ الله پاڪ جي حضور...!! ۽ اشرفيون موڪلي ان جي مدد ڪنهن ڪئي؟ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه...!! معلوم ٿيو: مدد الله پاڪ جي ئي آهي، اهو ئي فرياد ٻڌڻ وارو، ڏکايل دلين کي اطمينان ۽ سڪون (Serenity) عطا فرمائڻ وارو آهي پر ان پنهنجي مدد لاءِ مختلف ذريعا رکيا آهن، اَلْحَمْدُ لِلّٰه! نبي، ولي سڀ مشڪل ڪشا آهن، حاجت روا آهن، مدد ڪرڻ وارا آهن ۽ انهن جي مدد پنهنجي ذاتي طاقت سان ناهي