Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra
خبر...!! ته هو ربِ ڪائنات جا محبوب آهن، اهي صرف اک جو اشارو فرمائي ڇڏين، ته دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي سگهي ٿي.
غم و رَنْج و اَلَم اور سب بلاؤں کا مداوا ہو اگر وہ گیسوؤں والا مرا دِلدار ہو جائے
اشارہ پائے تو ڈوبا ہوا سورج برآمد ہو اٹھے انگلی تو مہ دو بلکہ دو دو چار ہو جائے ([1])
جن جي اشاري سان لٿل سج موٽي اچي، آڱر جو اشارو ڪن ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي پئي، ڇا انهن جي چاهڻ سان هڪ يتيم ٻار جو ڏُک دور نه ٿي سگهندو؟ مگر غير مسلم ڇا ڄاڻن حبيبِ خدا جو مقام...!!
خير! اهو يتيم ٻارُ ٻنهي جهانن جي تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي فرياد پيش ڪئي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ان ٻار کي ساڻ ڪري فوراً ابوجهل جي گهر تشريف وٺي ويا. قريش جا سردار سمجهي رهيا هئا ته ابوجهل آڪڙ ڏيکاريندو، معاذَ الله! رسولِ خدا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سان گستاخيءَ وارو ورتاءُ ڪندو، مگر هي ڇا ...!! ابوجهل جيئن ئي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته ادب سان مرحبا چئي سندن استقبال ڪيو ۽ فوري طور يتيم جو مال کڻي اچي ان جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
اهو ڏسي قريش جا ماڻهو حيران ٿي ويا، جڏهن انهن ابوجهل کان معاملو پڇيو ته ابوجهل وراڻيو: خدا جو قسم! مون محمد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هڪ نيزو ڏٺو، مون کي هيءُ ڊپ ٿيو ته جيڪڏهن مان سندن ڳالهه نه مڃي ته هي نيزو مون کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو. ([2])
مُعْطِی مطلب تمہارا ہر اِشارہ ہو گیا جب اِشارہ ہو گیا،مطلب ہمارا ہو گیا
ڈوبتوں کا یانبی کہتے ہی بیڑا پار تھا غم کِنارے ہو گئے، پیدا کِنارہ ہو گیا