Noor Me Lipta Hua Admi

Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi

المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 74 هزار 887 مدارس المدينه بالغان ۽  بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريباً 4 لک 26  هزار کان وڌيڪ آهي. * فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. *  هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد هر مهيني اوسطاً 20 هزار آهي. * المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو ويندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن شعبي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي. هن شعبي ۾ ڪيترائي مدني عالِمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي. * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو سلسلو به جاري آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ڪيا ويندا آهن * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ  ۾ ذمّيدارَ موجود آهن. * عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعده پگهارون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، * پرنٽ ميڊيا (۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏوگڏ ماھوار فيضانِ مدينه، جي اشاعت جو سلسلو به جاري آهي جيڪو هن وقت دنيا جي 7 وڏين ٻولين ۾ شائع ٿيندڙ