Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
دفعي ائين ٿيو جو هن توريت شريف جي تلاوت شروع ڪئي، ماڻهو هن جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، وڏو مجمعو لڳي ويو، هي توريت شريف جي تلاوت ڪندو رهيو. جڏهن هي محفل کان فارع ٿيو، گهر آيو ۽ شراب پيئڻ لڳو، سندس ماءُ وري به منع ڪيو ۽ چيو: پُٽَ! اٿي وضو ڪر...!! جيئن ته هي نشي ۾ هو، هن معاذ الله! ماءُ کي چماٽ وهائي ڪڍي، ماءُ ويچاري ڪري پئي، سندس اک ضايع ٿي وئي ۽ ڏند به ڀڄي پيو.
ماءُ ويچاريءَ تڪليف ۾ چيو: الله توکان راضي نه ٿئي. هاڻي هن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو، تنهنڪري هو جبلن جي طرف هليو ويو، 40 سالن تائين مجاهدات ڪندو رهيو، گهڻيون عبادتون ڪيائين، بُکون ڪاٽيائين ايتري تائين جو سندس هڏيون به نظر اچڻ لڳيون. 40 سال عبادت کان پوءِ هن آسمان ڏانهن نظر کڻي عرض ڪيو: اي مالڪِ ڪريم! ڇا منهنجو گناھ معاف ٿي ويو، ڇا تون مون کان راضي ٿي وئين؟ جيڪڏهن راضي ٿي ويو آهين ته مون کي خبر عطا فرماءِ. غيب مان آواز آيو: رِضَائِیْ مِنْ رِضَاءِ اُمِّکَ يعني منهنجي رضا ان ۾ آهي ته تون پنهنجي ماءُ کي راضي ڪر.
هاڻي هي سمجهي چڪو هو ته چاهي مان هزارين سال به عبادت ڪريان پر جيستائين ماءُ راضي نه ٿيندي، الله پاڪ به راضي نه ٿيندو. تنهنڪري هو واپس گهر آيو، پري کان ئي پڪاريائين یَا مِفْتَاحَ الْجَنَّۃِ اي منهنجي جنت جي چاٻي (منهنجي ماءُ) ...!! ماءُ پڇيو: هيءُ ڪير آهي؟ چيو ويو: تنهنجو پٽ آهي. ماءُ اڃان تائين تڪليف ۾ هئي، چيائين: مان توکان راضي نه ٿيندِيَس. هاڻي پٽ کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، جنهن هٿ سان ماءُ کي چماٽ هنئي هئائين، غم جي شدت ۾ ان هٿ کي ئي ڪٽي ڇڏيائين، پوءِ ڪاٺيون گڏ ڪيائين، انهن کي باهه ڏنائين، باهه جي ويجهو ويو ۽ چيائين: اي نافرمان! آخرت جي باهه کان اڳ دنيا جي باهه جو مزو چکي وٺ، قريب هو ته هو باهه ۾ اندر هليو وڃي ها، سندس ماءُ جي دل ڀرجي آئي، ان پڪاريو اي منهنجي اکين جا ٺار ...!! الله پاڪ توکان راضي ٿئي...!! رڪجي وڃ!
اللهُ اَڪبر! ماءُ جي ايترو چوڻ جي دير هئي، اهو ڪم، جيڪو 40 سالن جي عبادت سان نه ٿي سگهيو هو، ماءُ جي هڪ جملي سان ٿي ويو. الله پاڪ هڪ