Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
قوموں کے لئے موت ہے مرکز سے جُدائی ہو صاحِبِ مرکز تو خُودی کیا ہے؟ خُدائی!
وضاحت: خُدائي: يعني راڄ، حڪمراني، آقائي۔ يعني جيڪا قوم پنهنجي مرڪز کان ئي ڪٽجي وڃي، اها قوم زندهه نه ٿي رهي سگهي بلڪه تباهه ۽ برباد (Destroy) ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي مرڪز سان جُڙي وڃي ته طاقتور (Powerful) ٿي ويندي آهي۔ هي قدرت جو قانون آهي ته جيڪا شيءِ پنهنجي مرڪز سان جيترو وڌيڪ مضبوطي سان جُڙيل هوندي آهي، الله ڪريم ان کي اوتري ئي وڌيڪ ترقي، ڪاميابي، طاقت (Power) ۽ عروج عطا فرمائيندو آهي.
مسجد اسان جو مرڪز آهي، جيسيتائين مسلمان پنهنجي هن مرڪز سان مضبوطي سان جُڙيل هئا، تيستائين مسلمان غالب (Dominant) هئا، جڏهن کان مسجدن کان پري ٿيا آهن، مسلمان پستي (Downfall) ڏانهن وڌندا پيا وڃن۔ اوهان دَورِ صحابه، تابعين ۽ بزرگن جي زماني کي اڄ جي معاشري سان ڀيٽي ((Comparisonڏسو! * پهريان مسلمان غالب هئا، هاڻي مغلوب (Submissive) آهن * اڳ ۾ مسلمان عروج تي هئا، هاڻي پستيءَ جي طرف مائل آهن* پهريان معاشري ۾ امانت داري وڌيڪ هئي، هاڻي دغابازي ۽ ڌوڪي بازي جو غلبو آهي* اڳي حياءُ عام هو، هاڻي بي حيائي عام آهي * اڳي سچائي غالب هئي، هاڻي ڪوڙ جي ڪثرت آهي * پهريان خيرخواهي، اَخُوَّت ۽ ڀائيچاري (Brotherhood) جا جذبا غالب هئا، هاڻي حسد (Jealousy) عام آهي، ڀاءُ ڀاءُ جو ڳلو پڪڙي رهيو آهي، اَخُوَّت جو نالو نشان ناهي، ڀائيچارو دم ٽوڙي رهيو آهي.
سبب (Reason) ڪهڙو آهي؟ هن جو هڪ بُنيادي سبب پنهنجي مرڪز يعني مسجد کان پري هجڻ به آهي۔ اڳين زماني جا مسلمان مسجد سان مضبوطي سان جُڙيل هوندا هئا، هو مسجد ۾ ايئن هوندا هئا جيئن مڇي پاڻيءَ ۾ هوندي آهي، پر هاڻي ڪهڙي حالت آهي؟ هاڻي مسلمان مسجد ۾ ايئن هوندا آهن جيئن پکي قيد (Prison) ۾ هوندو آهي.