Book Name:Noor Me Lipta Hua Admi
ذڪر ۾ لذت محسوس ٿي رهي آهي، نه ته فرعون کي ئي ڏس! هن پنهنجو تاج، تخت، طاقت ۽ سلطنت سڀئي برباد ڪري ڇڏيو، درياءَ ۾ ٻُڏي وڃڻ ته منظور ڪري ورتائين، پر هڪ دفعو به منهنجو نالو پنهنجي زبان تي آڻڻ گوارا نه ڪيائين.
([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ذڪرُ الله جون فضيلتون ته بيشمار آهن پر ان سان گڏوگڏ هيءَ عبادت مشقت واري به آهي، جيڪڏهن اسان ذڪرُ الله جي عادت اختيار ڪرڻ چاهيون ٿا، ته ان جي لاءِ اسان کي گھڻو ڪجهه ڇڏڻو به پوندو * فضول گوئي کان زبان کي روڪڻو پوندو * بري صحبت به ڇڏڻي پوندي * جيڪي ماڻهو پانُ، گٽڪو وغيرهه کائيندا آهن انهن کي الله جي ذڪر ڪرڻ لاءِ پان ۽ گٽڪي جي قرباني ڏيڻي پوندي * سوشل ميڊيا جو استعمال صرف ۽ صرف ضرورت جي لاءِ ڪرڻو پوندو، اهڙين سڀني فضول شين جي قرباني ڏينداسين تڏهن ئي ته ذڪرُ الله جي طرف ڌيان ويندو ۽ پوءِ ئي وڃي اسان هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي سگهندا سين.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه نيڪين جو بي مثال جذبو رکندا آهن. هڪ دفعي اوهان عمامو شريف ٻڌي رهيا هئا ته اوهان جا مبارڪ لب حرڪت ڪري رهيا هئا پڇڻ تي فرمايائون: مان الله، الله پڙهي رهيو آهيان ته جيئن عمامو ٻڌڻ سان گڏوگڏ الله جو ذڪر به ٿيندو رهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هڪ دفعي مدني مذاڪري ۾ فرمايائون: پان اينٽي ذڪر و درود آهي (يعني پان وات ۾ هجي ته ذڪر ناهي ٿي سگهندو) انهيءَ ڪري مان پان نه کائيندو آهيان.
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جون ادائون به نراليون هونديون آهن. الله پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي، اسان فضول ڳالهين کان بچون، زبان کي فضول گوئي کان محفوظ رکون، جيڪڏهن پان وغيرهه جي عادت آهي ته ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيون ۽ هر وقت ذڪرُ الله ۾ مشغول رهڻ جي عادت اختيار ڪيون.