Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
اچو! اسان به هي دُعا پڙهي وٺون ٿا:
اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لَنَا فِی رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِسنت دامت برڪاتهم العاليه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي عشاء جني نماز کان بعد تقريباً 8:15 وڳي ان شاءَ الله الڪريم هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه سوالن جا جواب عطا فرمائيندا تمام عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شريڪ ٿيو ۽ ٻين کي به هن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيو.
* اميرِ اهلِ سنت دامت برڪاتهم العاليه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن ايندڙ ڇنڇر جي مدني مذاڪري ۾ ”بخاري شريف جي پهرين ۽ آخري حديث“ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو اهو رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا (واٽس ايپ وغيره) استعمال ڪندا آهن الله پاڪ جي رضا ۽ ثواب ڪمائڻ جي نيت سان هي رسالو ٻين کي به شيئر ڪيو * حضرت امام جعفر صادق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهلِ بيت اطهار جا جليل القدر امام علم و حڪمت جا بي مثال پيڪر هئا. سندن زندگي مبارڪ تقوا، زُهد، علم ۽ خدمتِ خلق جو حسين گلدستو آهي. مڪتبة المدينه سندن سيرتِ طيبه تي هڪ جامع ۽ دل نشين رسالو ”فيضانِ امام جعفر صادق“ شايع