Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

قرآن آهي([1]) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تلاوت ڪندو، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتون تلاوت ڪندو ان جي لاءِ هڪ قنطار جي برابر اجر لکيو ويندو، هڪ قنطار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحد جبل جي برابر آهي.([2]) 

اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سنت آهي. اسان جا پيارا آقا مڪي، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائيندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون ته ڪا به شيءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ڪڏهن رات جي نماز ۾ مڪمل سورت بقره ۽ سورت آل عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا* روزانو رات جو سورت سجده، سورت مُلڪ، سورت بني اسرائيل، سورت زمر، سورت ڪافرون، سورت فلق ۽ سورت ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا.

 الله پاڪ اسان کي به تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. 

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا                                                       شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا

          مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل بهارِ شريعت جلد: 3 جو حصو 16 پڙهڻ سان گڏوگڏ، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو550   سنتون  ۽   آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو۔ سنتون سکڻ جو هڪ ٻيو بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي۔

علم حاصل کر، جَہل زائل کرو                                                                 پاؤ گے راحتیں،  قافلے میں چلو


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ۔

[2]...شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197.