Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

وڪڻي ان جي بدلي ۾ فاطمه لاءِ ڪاٺ جو ٺهيل هار وٺي اچ! بيشڪ هي منهنجا اهلِ بيت آهن، مون کي پسند ناهي ته هي پنهنجون نعمتون دنيا ۾ ئي استعمال ڪري ڇڏين. (مسند احمد)

 سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! اسان وٽ ٻارن کي موبائل ڏنا ويندا آهن، ٻار ان ۾ جيڪو چاهن ڏسن، ننڍپڻ ۾ ئي انهن جا ذهن خراب ٿي وڃن، سوچون مٽجي وڃن، ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي، جيڪڏهن چيو وڃي ته ڀاءُ! ٻارن کي موبائل نه ڏيندا ڪيو! جواب ملندو آهي: ڇا ڪريون، ٻار روئن ڏاڍو ٿا.

  الله! الله! ڏسو! اسان کي پنهنجن ٻارن سان ايتري محبت ناهي، جيتري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کي حسنين ڪريمين سان محبت هئي، اهي ٻئي شهزادا، جن جي اکين جا ڳوڙها آسمان جا فرشتا به پسند ناهن ڪندا، اهي ٻئي شهزادا روئي رهيا آهن، ان جي باوجود پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کانئن چاندي جي اها شيءِ ورتي ۽ ڇا فرمايو: مان نه ٿو چاهيان ته هي پنهنجون نعمتون دنيا ۾ ئي استعمال ڪري ڇڏين.

          سُبْحٰنَ اللہ! هي اها تربيت آهي جيڪا انهن شهزادن جي سيرت ۾ نظر اچي ٿي. اسان ڄاڻون ٿا؛ ميدانِ ڪربلا ۾ هڪ طرف شهادت هئي، ٻي طرف تاج، تخت ۽ حڪومت، دنيا جو مال، دولت وغيره سڀ ڪجهه هو، امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ دنيا جي دولت کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ناني جي دين جي خاطر شهادت کي ڳلي لڳايو، آخر ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ ۾ ڪهڙو راز هو؟ ان جو راز اها تربيت هئي، جيڪا پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن ننڍپڻ ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي. اسان وٽ ته ٻارن کي صرف دنيا ئي دنيا سيکاري ويندي آهي * منهنجو پُٽ وڏو ٿي آفيسر بڻجندو * ان وٽ گاڏيون هونديون * بنگلا ۽ ڪوٺيون هونديون * هو جهازن ۾ سفر ڪندو * هي