Book Name:Nekiyon Mein Jaldi Kijiye
عنقريب...!! جلد، تمام جلد حضرت عزرائيل عليه السلام تشريف کڻي آڻيندا * افسوس! اسان جا عزيز رشتيدار، تمام گهڻو پيار ڪرڻ وارا، اسان جا نخرا برداشت ڪرڻ وارا، ڏسندا رهجي ويندا، ڊاڪٽر به ڪجهه نه ڪري سگهندا *گاڏي، بنگلو، گهر، بينڪ بيلنس سڀ ڪجهه اتي جو اتي رهجي ويندو* افسوس! روح جسم مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ويندو، اکيون ڇت ۾ لڳل هونديون، آخري هڏڪي ايندي، ۽ اسان هميشه هميشه لاءِ هن دنيا سان رشتو ٽوڙي، موت کي ڳَلي لڳائي قبر جي کڏي ۾ لهي وينداسين ڇا توهان کي لڳي ٿو ته اڃان گهڻو وقت آهي؟ نه...! نه! هڪ پل جو به ڀروسو ناهي* ڪهڙي خبر اڄ جي رات به مڪمل گذاري سگهنداسين يا نه؟ ڪهڙي خبر صبح جو سج به ڏسڻ نصيب ٿيندو يا نه؟ جي ها! هيءَ زندگي هڪ دَمُ ته آهي. ڪنهن ڇا خوب چيو آهي:
اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں، دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اِک سانس کا، گر آگئی تو یہ جہاں، گر رُک گئی تو وہ جہاں
اي عاشقانِ رسول! اسان جو هڪ هڪ ساهه قيمتي آهي * ان کان پهريان جو موت اچي وڃي* ان کان پهريان جو زندگي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي وڃي * ان کان پهريان جو اسان قبر ۾ پهچي وڃون* ان کان پهريان جو اسان جي عملن جو سلسلو رڪجي وڃي * اسان کي پنهنجي آخرت جي تياري ڪري وٺڻ گهرجي* نيڪين لاءِ سَندِرو ٻڌڻ گهرجي* مرڻ کان پوءِ ڪيڏيون به دانهون ڪيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو وڃي پر ان وقت ڪو به موقعو فراهم نه ڪيو ويندو، لهٰذا هاڻي کان ئي هن دنيا ۾ وڌ کان وڌ نيڪ عمل ڪري وٺو! حضرت حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : جلدي ڪيو! جلدي ڪيو! توهان جي زندگي ڪيتري آهي؟ اها ئي ساهه جي تَندُ ته آهي جيڪڏهن رڪجي وڃي ته توهان جي انهن عملن جو سلسلو به ختم ٿي وڃي، جن سان توهان الله پاڪ جو قرب حاصل ڪندا آهيو. الله پاڪ ان شخص تي رحم فرمائي، جنهن پنهنجي