Ye Duniya Chor Jana Hai

Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai

ٿيڻو آهي * پوءِ وڃي ڪٿي موتُ ايندو بس هي هڪ غفلت ڀريو خيال اسان کي وڏين اميدن ۾ مبتلا رکي ٿو * موبائل هلائيندي * سوشل ميڊيا تي فضوليات ڏسندي * اخبارن ۾ خبرون پڙهندي موت، قبر ۽ آخرت واري ڪا خبر، ڪا پوسٽ اڳيان اچي به وڃي ته ڄاڻي واڻي ان کي ڇڏي اڳتي گذري ويندا آهيون، ان مان عبرت حاصل ناهيون ڪندا هي ذهن بڻيل آهي ته هيءَ پوسٽ منھنجي متعلق ناهي، پر هي صرف خيال آهي، مشھور آھي ته ٻليءَ کي ڏسي ڪبوتر اکيون بند  ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهو سمجهندو آهي ته مان ٻليءَ کان لڪي ويو آهي پر ائين نه هوندو آهي، جڏهن ٻلي ان کي پڪڙيندي آهي تڏهن خبر پوندي اٿس ته مان ته غفلت ۾ هئس موت جي معاملي ۾ اسان جو به تقريبًا اهوئي حال آهي اسان سوچي رهيا هوندا آهيون ته مونکي اڃان موت ناهي اچڻو پر موت ته اچڻو آهي ضرور اچڻو آهي، ڪڏهن ايندو؟ نه ڄاڻ ڪڏهن ايندو جڏهن الله جو حڪم ٿيندو تڏهن موت ايندو. قرآن پاڪ ۾ آهي :

وَ لَنْ یُّؤَخِّرَ اللّٰهُ نَفْسًا اِذَا جَآءَ اَجَلُهَا

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ هرگز الله ڪنهن ساھ کي مهلت نه ڏيندو جڏهن ان جو مقرر وقت اچي وڃي. (28 سيپارو، سورت منافقون: آيت 11)

يعني ياد رکو ته جڏهن الله جو واعدو ايندو ته اهو هرگز ڪنھن جان کي مهلت نه ڏيندو ۽ الله پاڪ توهان جي ڪمن کان واقف آهي اهو توهان کي ان جي جزا ڏيندو. (تفسير صراط الجنان)

ہو رہی ہے عمر مثلِ برف کم                                                                                              چپکے چپکے، رفتہ رفتہ، دَم بَدَم

سانس ہے اک راہ روئے مُلکِ عِدَم                                                         دَفعتاً اک روز یہ جائے گا تَھم

ایک دن مرنا ہے،آخر موت ہے

کر لے جو کرنا ہے،آخر موت ہے