Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
کان بعد (تقريباً 8 : 15 منٽن تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو جنهن ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب عنايت فرمائيندا، تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين * شيخِ طريقت، امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي به ترغيب ڏياريندا آهن، ايندڙ هفتي مدني مذاڪري ۾ ”نورالعرفان مان 92 مدني گُل“ نالي رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. اهو رسالو پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو، جيڪي اسلامي ڀائر سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا الله جي رِضا ۽ ثواب جي نيت سان ان کي ٻين اسلامي ڀائرن ڏانهن به شيئر (Share) ڪن! * حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ۽ حضرت مريم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْها انهن عظيم هستين ۾ ٿئي ٿو جن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ وڏي اهميت سان ڪيو ويو آهي. مڪتبةُ المدينه انهن ٻنهي مقدس هستين جي مبارڪ حياتيءَ جي نمايان پهلوئن تي ٻڌل هڪ جامع رسالو ”سيرت عيسى ۽ مريم“ شايع ڪيو آهي. اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبهُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 85 روپين ۾ حاصل ڪريو. پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏيو!
فيضانِ صديقِ اڪبر پيڪيج : يومِ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي مناسبت سان خصوصي پيڪيج ايمان افروز رسالن جو مجموعو جنهن ۾ 8 وڏا ۽ 2 ننڍا رسالا شامل آهن ان سان گڏوگڏ هڪ پمفليٽ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان صرف 200 روپين ۾ حاصل ڪريو.