Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
فرمائن ٿا: جيڪو موت کي ڪثرت سان ياد ڪندو آهي اهو 3 ڳالهين جي ذريعي عزت ماڻيندو آهي: (1) ان کي توبهه جي توفيق جلد ملندي آهي(2) ان کي قناعت(ٿوري تي راضي رهڻ واري حالت) جي دولت ملي ويندي آهي ۽ (3) عبادت ۾ چُستي نصيب ٿيندي آهي وڌيڪ فرمايائون: ۽ جنهن موت کي وساري ڇڏيو اهو 3 ڳالهين ۾ جڪڙيو ويندو: (1) توبهه جي تاخير (2): بقدرِ ضرورت رزق تي راضي نه رهڻ ۽ (3) عبادت ۾ سستي [1] * حضرت ڪعبُ الاَحْبار رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جيڪو موت کي ڄاڻيندو آهي ان تي دنيا جا غم ۽ مصيبتون آسان ٿي وينديون آهن ([2])*۽ حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جنھن موت جي ياد سان دل آباد ڪئي دنيا جون سڀ مصيبتون ان تي آسان ٿي وينديون ([3]) * هڪ عورت اُمُّ الْمؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللّٰهُ عَنْها جي بارگاھ ۾ دل جي سختيءَ متعلق عرض ڪيو ته پاڻ فرمايائون: موت کي ڪثرت سان ياد ڪر تنھنجي دل نرم ٿي ويندي ([4]) * حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ اصحاب سڳورن رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ کان پُڇا ڪئي ڇا توهان سڀ جنت ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ٿا؟ انھن عرض ڪيو: جي ها يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ته فرمايائون: اميدن کي گھٽ ڪيو، موت کي اکين آڏو رکو ۽ الله پاڪ کان حياءَ جو حق ادا ڪيو. ([5])
دِلا غافل نہ ہو یکدم، یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے
تو اپنی موت کو مت بھول، کر سامان چلنے کا زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے
جہاں کے شَغْل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل کرے دعویٰ کہ یہ دنیا، مِرا دائم ٹھکانا ہے
[1]... التذڪرہ للقرطبي، باب ذڪر الموت و الاستعداد لہ، صفحو:9۔
[2]... حلية الاولياء،جلد:6،صفحو:43،رقم:7727۔
[3]... موسوعہ ابن ابن الدنيا، جلد:5،صفحو:432، حديث:129۔
[4]... موسوعہ ابن ابن الدنيا، کتاب ذڪر الموت،جلد:5،صفحو:442، حديث:156۔
[5]... الزھد لابن المبارڪ، باب الہرب من الخطايا والذنوب،صفحو:126، حديث:317۔