Book Name:Ye Duniya Chor Jana Hai
ڪنھن کان پڇا ڪجي توکي دنيا ۾ آئي گهڻا مهينا ٿيا آهن؟ شايد جواب معلوم نه هوندو، جيڪڏهن پڇا ڪجي توکي دنيا ۾ آئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ هي ته اربين ماڻھن مان شايد ڪو هڪ مشڪل سان ٻڌائي سگهي، جيڪڏهن ڪلاڪ ۽ منٽ پڇيا وڃن ان جي ته ڪنھن کي خبر ئي نه هوندي، پر ياد رکو! الله پاڪ وٽ اسان جي زندگيءَ جو شمار سالن سان نه، مهينن سان نه، ڏينهن سان نه، ڪلاڪن سان نه، منٽن سان نه، بلڪه پساهن سان آهي، يعني اسان اها ڳڻپ ڪيون ٿا ته مون کي دنيا ۾ آئي ايترا سال ٿي چڪا آهن، رب جي بارگاھ ۾ اها ڳڻپ آهي ته ان ايترا پساھ کنيا آهن قرآن پاڪ ۾ آهي.
اِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّاۚ(۸۴) (16 هون سيپارو سورت مريم: 84)
ترجمو ڪنزالعرفان: اسان ته انهن جي ڳڻپ پوري ڪريون ٿا.
تفسير دُرّ منثور ۾ هن آيت جي تحت آهي: اُهي پساھ جيڪي ٻانهو دنيا ۾ کڻندو آهي، انهن پساهن جي به ڳڻپ ڪئي ويندي آهي.
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي عبرت جي ڳالھ آهي، مختلف رپورٽن جي مطابق اسان هڪ ڏينهن ۾ 17 کان 30 هزار جي درميان ساھ کڻندا آهيون، ھاڻي غور فرمايو! * اسان موبائل ۾ مصروف هئاسين * دوستن سان گپ شپ ۾ رُڌل هئاسين * فضوليات ۾ مگن هئاسين * گُناهن ۾ لڳل هئاسين * سير ۽ تفريح ۾ نڪتل هُئاسين، ھاڻي اسان ته سوچي رهيا هئاسين ته گھڻو وقت ناهي لڳو، بس هڪ ڏينهن ئي ته تفريح جو رکيو آهي، ڪجھ ڪلاڪ ئي ته گپ شپ ڪئي، ھاڻي اڌ ڪلاڪ ئي ته ٿيو آهي موبائل هلائيندي، اسان ائين ئي ڏينھن ۽ ڪلاڪن جي ڳڻپ پيا ڪندا آهيون، پر الله پاڪ وٽ پساهن جي ڳڻپ آهي، اتي اهو شمار ڪيو ويندو آهي ته هن ٻانھي ڪيترا پساھ فضوليات ۾ گذاري ڇڏيا، ڪيترا پساھ سوشل ميڊيا جون پوسٽون ڏسندي گذاريا، ڪيترا پساھ گناهن ۾ گھاريا، ڪيترا پساھ نيڪين کان هٽي ڪري، الله پاڪ جي