Book Name:Qayamat Ki Nishaniyan
هاڻي ڏسو! ڪهڙي ڪرم نوازي آهي * الله پاڪ چاهي ها ته پاڻ ئي سواري جو انتظام فرمائي ڇڏي ها * الله پاڪ چاهي ها ته هوا کين اڏائي ڪري کڻي وڃي ها * وڻ سندن سواري جي لاءِ ڪم ڪن ها * بلڪه الله پاڪ جي قدرت کان ڪهڙو پري آهي* هو چاهي ها ته زمين ويڙهي وڃي ها * کين هلڻو ئي نه پئي ها ۽ منزل تي پهچي وڃن ها پر هيءَ الله پاڪ جي ڪرم نوازي آهي، جيڪو الله پاڪ جي عبادت ڪندو آهي، الله پاڪ پنهنجي نبين جي سامهون ان جي نيڪ نامي ظاهر فرمائيندو آهي.
خير! حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان غار ۾ پهتا، اهو شخص کين سڃاڻيندو نه هو، پاڻ فرمايائون: مونکي هڪ سواري گهرجي! ان شخص فوراَ ڪڪرَ کي حڪم ڏنو: اي ڪڪر هيٺ لهي اَچ! هنن کي هنن جي منزل تائين پهچاءِ! ڪڪر انهيءَ وقت هيٺ لهي آيو ۽ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي پاڻ تي سوار ڪيائين. حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تمام گهڻو حيران ٿيا، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون: اي الله پاڪ! هي ٻانهو ڪير آهي؟ الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! هي پنهنجي ماءُ جو فرمانبردار آهي، ان پنهنجي ماءُ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ، جڏهن ان جو آخري وقت آيو ته ان دعا ڏني: پٽ! مان تو سان راضي آهيان، الله پاڪ به تو سان راضي ٿئي. تنهنڪري مان ان سان راضي ٿي ويس، جيڪڏهن هي ٻانهو دعا گهري ته مولا! ڳاڙهي جبل کي ڪارو ۽ ڪاري کي ڳاڙهو بڻائي ڇڏ ته ان جي دعا کان مان هي به ڪري ڇڏيندس.
سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ آهي والدين جي ادب ۽ احترام جي برڪت...!! اڄ دنيا ۾ ڪيتريون پريشانيون آهن *مهانگائي چيلھ ڀڃي ڇڏي آهي * ڪاروبار جون پريشانيون * صحت جون پريشانيون * ٻارن ٻچن جون پريشانيون * تنگدستي، بي روزگاري * قرض چڙهيل آهي * ڪم نه ٿو هلي * روزگار نه ٿو ملي *۽ هزار طرح جون پريشانيون، جنهن کي ڏسو، غم جي داستان کنيو وتي ٿو. ڪيتري آسان ڳالھ آهي: گهر ۾ والدين موجود آهن، انهن کي راضي ڪيو،